وزيراعظم جو قانون جي عملداري ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال تي زور

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پوليس جو ڪم قانون تي عملداري يقيني بڻائڻ آهي ۽ قانون جي عملداري هيٺئين طبقي کي جيل ۾ وجهڻ نه پر طاقتور ماڻهن کي انصاف جي ڪهٽڙي ۾ آڻڻ جو نالو آهي.

اهڙن خيالن جو اظهار هن ايگل اسڪواڊ جي افتتاح جي سلسلي ۾ سيف سٽي پراجيڪٽ اسلام آباد جي هيڊ آفيس جي دوري دوران تقريب سان خطاب ڪندي ڪيو.

هن چيو ته جڏهن پوليس پنهنجو ڪم ڪندي آهي ته ملڪ ۾ خوشحالي ايندي آهي، ڇو ته ماشري ۾ امن سان خوشحالي ٿيندي آهي، پوليس کي ڪنهن جي ڳڻتي نه ڪرڻ گهرجي، قانون جو مطلب اهو ناهي ته ننڍن ماڻهن کي جيلن ۾ بند ڪيو وڃي، قانون جي عملداري طاقتور طبقي کي قانون هيٺان آڻڻ آهي.

سندس چوڻ هو ته امير ۽ غريب لاءِ الڳ الڳ قانون سان معاشرو تباهه ٿي ويندو آهي، جهنگ ۾ طاقت جي حڪمراني، جڏهن ته انساني معاشري ۾ قانون جي حڪمراني هوندي آهي، فلاحي رياست جو تصور قانون جي حڪمراني بنا ممڪن ناهي.

وزيراعظم عمران خان چيو ته قانون جي عملداري ۾ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال وڌايو وڃي، ان سلسلي ۾ هر ممڪن سهڪار ڪنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.