خوبصورت اداڪارا جو چئن ڄڻن تي اجتماعي لڄالٽ جو الزام

 

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش جي اڀرندڙ خوبصورت اداڪارا شمس النهر سمرتي الزام هنيو آهي ته کيس چئن ڄڻن اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻايو، جنهن کانپوءِ پوليس مشهور بزنس مين سميت ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب اداڪارا ۽ ماڊل شمس النهر سمرتي 4 ڄڻن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي آهي، جنهن ۾ هن اوتارا ڪلب لميٽيڊ جي اڳوڻي صدر نصير الدين محمود سميت 4 ڄڻن تي ڪلب ۾ اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻائڻ ۽ قتل ڪرڻ جي ڪوشش جو الزام هنيو آهي.

ڍاڪا پوليس اداڪارا جي ايف آءِ ار تي ڪارروائي ڪندي نصير الدين محمود ۽ ان جي سيڪريٽري سميت ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ انهن جو 7 ڏينهن جو رمانڊ حاصل ڪري ورتو آهي.

هوڏانهن نصير الدين محمود الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته ساک کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.