گڏيل اپوزيشن جو قومي اسيمبلي اسپيڪر خلاف به بي اعتمادي رٿ آڻڻ جو فيصلو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گڏيل اپوزيشن قومي اسيمبلي اسپيڪر اسد قيصر خلاف به بي اعتمادي رٿ آڻڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.

گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ گوڙ ۽ گارگند کانپوءِ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ اڳتي جي حڪمت عملي طئي ڪرڻ لاءِ ن ليگ صدر شهباز شريف ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وچ ۾ ملاقات ٿي.

ملاقات ۾ پ پ طرفان يوسف رضا گيلاني، راجا پرويز اشرف، شازيا مري، نويد قمر، جڏهن ته ن ليگ جو اياز صادق، راڻا ثناءُ الله ۽ مريم اورنگزيب به موجود هئي.

اپوزيشن اڳواڻن مشاورت کانپوءِ فيصلو ڪيو ته قومي اسيمبلي اسپيڪر اسد قيصر خلاف بي اعتمادي رٿ آندي ويندي.

ملاقات دوران اسپيڪر خلاف بي اعتمادي رٿ لاءِ ڪميٽي جوڙڻ تي به اتفاق ٿيو ۽ ڪميٽي ميمبرن جي نالن تي مشاورت جاري آهي.

اپوزيشن اڳواڻن جو چوڻ هو ته گذريل ڏينهن جمهوريت جي تاريخ ۾ ڪاري ترين ڏينهن جي حيثيت رکي ٿو، اسپيڪر پنهنجون آئيني، قانوني، جمهوري ۽ پارلياماني ذميواريون انجام ڏيڻ ۾ مڪمل طور ناڪام رهيو، اسپيڪر ايوان جي هر ميمبر جو محافظ ۽ نگهبان هوندو آهي پر اسد قيصر اهو فرض نڀائڻ جي اهل ناهي.

هنن قومي اسيمبلي اسپيڪر طرفان گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي اجلاس ۾ نازيبا ٻولي استعمال ڪرڻ تي 7 ميمبرن جي بندش جو فيصلو به رد ڪري ڇڏيو ۽ مطالبو ڪيو ته ان معاملي تي حڪومت ۽ اپوزيش جي برابر نمائندگي تي ٻڌل پارلياماني ڪميٽي جوڙي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.