قومي اسيمبلي جنگ جو ميدان بڻجي وئي، مليڪه بخاري ڪتاب لڳڻ سبب زخمي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس ۾ ميمبرن ايوان جو مقدس پامال ڪندي ان کي جنگ جي ميدان ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ۽ حڪومتي ۽ ن ليگ ميمبرن هڪٻئي تي ڪتابن سان حملا ڪيا، جنهن ۾  تحريڪ انصاف جي مليڪه بخاري زخمي ٿي پئي.

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف جي تقرير دوران حڪومتي ميمبرن گوڙ شروع ڪري ڇڏيو ۽ نعريبازي ڪئي، اهي بجيٽ دستاويز ڊيسڪ تي هڻندا رهيا ۽ سيٽيون به وڄائيندا رهيا، ان دوران ن ليگ ميمبر شهباز شريف سان گڏ بيهي رهيا.

اجلاس دوران حڪومتي ۽ اپوزيشن ميمبرن هڪٻئي تي ڪتاب به اڇلايا، جنهن سبب تحريڪ انصاف جي مليڪه بخاري 7 هڪ سارجنٽ پڻ زخمي ٿي پيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.