لاڙڪاڻي ۾ کنڀي گم ڪيل ڇهه ڏينهن بعد نه مليو، احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي الهه آباد پاڙي جي رهواسين 6 ڏينهن اڳ مبينا کنڀي گم ڪيل پورهيت نوجوان نديم علي مغيري جي آزاديءَ لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي هنن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي پورهيت جي پيءُ خير محمد  پنهنجي ڀاءُ عبدالحميد، وارث حضور بخش مغيري ۽ ٻين سان گڏجي دانهيو ته منهنجو پٽ نديم علي مغيري ڪراچي جي ۾ لوڻ جي فئڪٽري ۾ مشين آپريٽر طور ملازمت ڪندو آهي جيڪو ڪجهه ڏينهن اڳ لاڙڪاڻي آيل هو جتان گذريل 8 جون جي ڏينهن کيس کنڀي گم ڪيو ويو جنهن کي 6 ڏينهن گذري ويا آهن پر ان جي باوجود هن وقت تائين ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي جنهن ڪري سمورا گهر ڀاتي سخت اذيت ۾ مبتلا آهيون. هنن وس وارن کي اپيل ڪئي ته کنڀي گم ڪيل نوجوان نديم علي مغيري کي آزاد ڪرائي گهر ڀاتين ۾ ڇانيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.