غوثپور ۾ ڪارروائي، روپوش جوابدار گرفتار

غوثپور(ن ع آ) شڪارپور ضلعي جي علائقي جو امن ھڪ دفعو وري تباھ۔ غوثپور ويجھو ناپر ڪوٽ ٿاڻي جي حد ۾ ڳڙھي تيغو جيڪچي واري علائقي ۾ ڍڪ بند ڀرسان ڇھ اڻ ڄاتل ھٿياربندن گڏھ گاڏو ھلائيندڙ ٻن پورھيت ڀائرن کي اغوا ڪري ڪچي طرف فرار ٿي ويا۔ پوليس پيرا وڃائي موٽي آئي۔۔ وڌيڪ مليل معلومات موجب ڪرمپور جي ڀرسان ڳوٺ يعقوب بجاراڻي جا رھواسي ڀائر عبدالحئي شيخ ۽ مانجھي شيخ پنھنجي گھر لا۽ ڪاٺيون کڻڻ ڳڙھي تيغو واري ڪچي طرف وڃي رھيا ھئا ته ڍڪ بند ڀرسان لڪي ويٺل ھٿياربندن کين يرغمال ڪري سخت مارڪٽ ڪرڻ بعد اغوا ڪري ھيٺ ڪچي طرف کڻي فرار ٿي ويا۔ واقعي جي اطلاع بعد ڪيترائي ڳوٺاڻا ۽ سندن وارث ھٿيار کڻي ڏوھارين جي پيري پويان ويا آھن پر ذريعن موجب ڏوھاري فرار ٿي ڪچي ۾ لھي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا۔ پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته اغوا جو اطلاع مليو آھي معاملي جي جاچ ڪري رھيا آھيون۔ نفري واقعي واري ھنڌ موڪلي آھي۔ ٻئي پاسي علائقي ۾ چئوٻول آھي ته ھڪ ڏينھن اڳ علائقي جي پوليس ڏوھارين خلاف ڪچي ۾ ڪاروائي ڪري تيغاڻي گينگ جي ڏوھارين جو چوپايو مال ڪاھي آئي آھي ۽ اڄوڪو واقعو ان جو رد عمل ٻڌايو پيو وڃي۔ واضع رھي ته ناپر ڪوٽ جي حد مان اڳ ئي ڇھ کان وڌيڪ ماڻھو ڏوھارين وٽ باندي بڻيل آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.