ڪڪڙ ۾دڪان تي حملو، صحافي تي تشدد

ڪڪڙ (ن ع آ) ڪڪڙ باء پاس وٽ صحافر خادم حسين ٻٻر جي ڪولڊ ڪارنر جي دڪان تي ڀاڻج ظھير ٻٻر پنھنجي ساٿين علڻ نائچ رياض

نائچ انصاف نائچ سميت ٻين جوابدارن پاران ڪار سوار تي اچي صحافي خادم حسين ٻٻر جي دڪان تي حملو ڪري ڏنو جنھن جي نتيجي ۾ صحافي خادم حسين ٻٻر ۽ سندس پٽ نثار ٻٻر زخمي ٿ پيا ۽ جوابدار سامان جي ڀڃ ڊاھ ڪري فرار ٿي ويا زخمي صحافي ڪڪڙ ٿاڻي تي پھچي مٿيئين جوابدارن خلاف واقعي جي اين سي داخل ڪرائي آھي زخمي صحافي خادم حسين ٻٻر چيو ت منھنجو ڀاڻج ظھير ٻٻر ھڪ سرڪاري ملازم آھي ۽ ان سان گڏوگڏ ھو صحافت ب ڪري ٿو جنھن هي مون سوشل ميڊيا ۾ تصوير رکي ت ھي سرڪاري ملازمت سان گڏ صحافت ب ڪري ٿو جنھن تي ھو ڏمرجي پيو جن پنھنجن ساٿين سان اچي مون تي حملو ڪري ڏنو ڪڪڙ پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ کان لنواء رھي آھي ٻن ڏينھن اندر انصاف ن ملڻ جي صورت ۾ اڱاري جي ڏينھن دادو ايس پي چوڪ وٽ پاڻ مٿان کي باھ ڏيندس جنھن جو زميوار ظھير ٻٻر ۽ علڻ نائچ ھوندا الزام ھيٺ آيل مٿين جوابدار جو چوڻ مامي خادم حسين جا مون مٿان حملي جا لزام بي بنياد آھن اسين حملو ناھي ڪيو ھن اسان مٿان سوشل ميڊيا تي ڪردار ڪشي ڪئي آھي جنھن جي مان قانوني طريقي سان جواب ڏيندس.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.