باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏيو، سياسي سماجي اڳواڻن جو مظاهرو

باڊهه (ن ع آ  ) حڪمرانن جا واعدا وفا نه ٿيا، باڊهه کي تعلقي جو درجو نه ملي سگهيو. ان سلسلي ۾ شهر جي مختلف سياسي سماجي، مذهبي، ادبي ۽ صحافتي تنظيمن پاران جوڙيل “باڊهه تعلقه موومينٽ” پاران 103 هين هفتي به انور عسڪري،عزيز بروھي،اصغر نوناري جي اڳواڻيءَ ۾ باڊهه پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. باڊهه تعلقه موومينٽ جي احتجاج ۾ زندگي جي مختلف شعبن سان لاڳاپيل شخصتين ايڊووڪيٽ عاصما ابڙو، ذوالفقار ڪانڌڙو، علي اصغرساريو، دودو ديشي، جمال خاصخيلي،  احمد خان بروهي، رشيد زهري، فدا حسين تنيو،  گلشن ساريو،پپن ميراڻي، مسلم جاني ساريو ،عدنان ڪولاچي ،قاسم ايري، نظام ڪولاچي، نبي رضا بلوچ، حاجي الهرکيو ڪانڌڙو، محمد علي منگي،سرويچ منگي طاهر نور هيسباڻي، مظهر نوشاد ڦلوپٽو، محمد هاشم مدني سومرو، لالا رياض بروهي، جلال ساريو،راجا سومرو،اعجاز ڪانڌڙو،احمد بشير نوناري،وحيد ڪانڌڙو ، محمد امين ساريو،نادر چانڊيو،لياقت چنو۽ ٻين شرڪت ڪئي. مظاھرين پاران باڊھ تعلقي جي حاصلات لاءِ نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته باڊهه جو شهر آباديءَ جي لحاظ کان لاڙڪاڻي ضلعي جو ٻيو نمبر وڏو شهر آهي، جنهن جو تعلقو بنجڻ بنيادي حق آهي ۽ ان حق لاءِ اسين باڊهه واسي وڏي عرصي کان جدوجهد ڪري رهيا آهيون، پر افسوس آهي جو سنڌ حڪومت توڙي چونڊيل نمائنده ان طرف ڪنهن به قسم جو ڌيان نه پيا ڏين. پ پ چيئرمين ۽ وڏو وزير نوٽيس وٺي بنا دير نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.