”عمران خان ملڪ ۾ صدارتي نظام مڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي“

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ ترجمان مريم اورنگزيب حڪومتي چونڊ ترميمن کي آئين ۽ اليڪشن ڪميشن تي سنگين حملو قرار ڏئي ڇڏيو.

پنهنجي بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان وفاقي پارلياماني جمهوريت جو نظام ختم ڪري ملڪ ۾ صدارتي نظام مڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، اهي ترميمون قائداعظم جي سياسي ۽ نظرياتي فڪر، سپريم ڪورٽ جي فيصلن، آئين جي بنيادي ڍانچي ۽ تصوير خلاف آهن.

هن چيو سليڪٽڊ وزيراعظم چاهي ٿو ته 22 ڪروڙ عوام ووٽ نه وجهي پر مخصوص ماڻهن جو ”اليڪٽورل ڪاليج“ اڇي ۽ ڪاري جو مالڪ بڻجي وڃي، اهو اليڪشن ڪميشن جا آئيني اختيار کسي پاڪستان کي ”بنانا ري پبلڪ“ بڻائڻ چاهي ٿو.

سندس موجب اهو قانون نه چونڊ ڌانڌلي جو قومي منصوبو آهي، آر ٽي ايس جي پيداوار حڪومت عوامي ووٽ مان جان ڇڏائڻ چاهي ٿي، انهن ترميمن کانپوءِ حڪومت پاڻ اليڪشن ڪميشن بڻجي چونڊون ڪرائيندي، اهو کي کٽيندو، جنهن کي حڪومت چاهيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.