ملڪ کي ٽئنڪن ۽ توپن سان مضبوط نٿو بڻائي سگهجي: احسن اقبال

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته ملڪ کي ٽئنڪن ۽ توپن سان مضبوط نٿو بڻائي سگهجي، مضبوط معيشت ضروري آهي.

هڪ تقريب سان خطاب ڪندي احسن اقبال چيو ته ڪير به ڪنهن جي ايمان جو فيصلو نٿو ڪري سگهي، نفرت ۽ تعصب جي برين واشنگ انسان کي انڌو ڪري ڇڏيندي آهي، مان به نفرت جي گولي جو شڪار ٿي چڪو آهيان، اسان کي اسلام جو سفير بڻجي سلامتي جو پيغام ڏيڻو آهي.

هن چيو ته گذريل 70 سالن کان ملڪ جي ماڻهن کي ملڪ هلائڻ نه ڏنو ويو، جيڪڏهن هلائڻ ڏنو وڃي ها ته اڄ پاڪستان ڀارت کان اڳتي هجي ها، ملڪ جي بهتري لاءِ سياسي استحڪام ضروري آهي، ترقي لاءِ ضروري آهي ته ملڪ کي آئين موجب هلايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.