شيائومي جي فليگ شپ فون مي 11 پاڪستان ۾ وڪري لاءِ پيش

 

شيائومي جي فليگ شپ فون مي 11 هاڻ پاڪستان ۾ دستياب آهي، جنهن سان مي واچ لائٽ مفت ڏني ويندي.

شيائومي جي اها فليگ شپ فون ڪلالڪوم جي نئين سنيپ ڊراگون 888 پراسيسر سان ليس آهي، جڏهن ته 6.81 انچ جو اموليڊ ڊسپلي ڪيو ايڇ ڊي پلس ريزوليوشن ۽ 120 هرٽز ريفريش ريٽ سان گڏ ڏنو ويو آهي.

فون ۾ 12 جي بي ريم ۽ 256 جي بي اسٽوريج موجود هوندي، جڏهن ته فنگر پرنٽ اسڪينر ۾ دل جو ڌڙڪو مانيٽر ڪندڙ سينسر به موجود آهي.

فنگر پرنٽ اسڪينر اسڪرين جي اندر لڳل آهي، جڏهن ته ان جي تحفظ لاءِ گوريلا گلاس وڪٽس جو استعمال ڪيو ويو آهي.

فون ۾ 4600 ايم اي ايڇ بيٽري 55 واٽ وائرڊ 50 واٽ وائرليس چارجنگ سپورٽ سان گڏ ڏني وئي آهي، جڏهن ته ريورس چارجنگ لاءِ به 10 واٽ سپورٽ فراهم ڪئي وئي آهي.

ٻين فيچرز ۾ اسٽيريو اسپيڪرز، اڳ کان بهتر نائيٽ موڊ، ڊوئل 5 جي ڪنڪٽويٽي، واءِ فاءِ 6 اي سپورٽ، بليو ٽوٿ 5.2 ۽ نيوي گيشن سروس ذڪر جوڳي آهي.

فون جي مين ڪئميرا 108 ميگا پڪسل جي آهي، جيڪا مي 10 سيريز جي مين ڪئميرا جهڙي ئي آهي، ان سان گڏوگڏ 13 ميگا پڪسل جي الٽرا وائيڊ ڪئميرا 123 ڊگري فيلڊ آف ويو سان گڏ آهي، جڏهن ته ٽين 5 ميگا پڪسل ميڪرو لينس آهي.

فون جي فرنٽ تي 20 ميگا پڪسل ڪئميرا پنچ هول ڊزائن ۾ ڊسپلي جي مٿين کاٻي ڪُنڊ ۾ موجود آهي.

ان فون کي پاڪستان ۾ هڪ لک 44 هزار 999 رپين ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.