ڪراچي:وفاق پاران پيش ڪيل بجيٽ جو بنياد ڪوڙ تي ٻڌل آهي:شاهد خاقان عباسي

سنڌ سجاڳي فورم ڪراچي ڊويزن پاران جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي سميت جسقم جي مرڪزي قيادت ۽ ڊويزن اڳواڻ الاھي بخش بڪڪ ۽ سمورن قومي ڪارڪنن جي آزاديءَ لاءِ ۽ بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي، ذوالفقار آباد رٿا، ۽ ٻين شھرڪاري جي ميگا رٿائن خلاف سنڌ سجاڳي فورم جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري سارنگ جويي، سنڌ سجاڳي مزدور فيڊريشن جي مرڪزي چيف آرگنائيزر ياسين جھلڻ، سنڌ سجاڳي فورم ڪراچي ڊويزن جي فائنانس سيڪريٽري زاھد کوسي، جسقم جيئمسٽ ڪائونسل جي ميمبر اشفاق ميمڻ، ايس يو پي ڪراچي ڊويزن جي نائب صدر منير مگسي، جيئي سنڌ محاذ رياض چانڊيي ڪراچي ڊويزن جي صدر شوڪت سومري، سنڌ سجاڳي مزدور فيڊريشن ڪراچي ڊويزن جي چيف آرگنائيزر اجمل بليدي، سنڌ سجاڳي فورم ۽ سنڌ انڊيجينيس رائيٽس الائنس جي سينيئر ساٿي جان محمد خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ڦوھارا چوڪ کان ريلي ڪڍي ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جي ھٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کنيل ھُئا جن تي ”جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي کي آزاد ڪيو“، ”جسقم جي مرڪزي قيادت کي آزاد ڪيو“، جسقم اڳواڻ الاھي بخش بڪڪ ۽ ٻين قومي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو“، ”بحريا ٽائون نامنظور،“، ڊي ايڇ اي ۽ ذوالفقار آباد نامنظور“، ”سنڌ حڪومت جي آمريت نامنظور“.  جهڙا نعرا لکيل هئا. ان موقعي تي اڳواڻن ڳالھائيندي چيو تہ، ”سنڌ ايڪشن ڪاميٽيءَ جي سڏ تي 6 جون تي بحريا ٽائون آڏو سپر ھاءِ وي تي سنڌ جي شعور، سياسي ۽ سماجي تنظيمن جي لکن جي تعداد ۾ شرڪت ڪري بحريا ٽائون، ڊي ايڇ، اي، ذوالفقار آباد، ۽ ٻين سنڌ جي والار ڪندڙ رٿائن ۽ ڌاري آبادڪاري خلاف پُر امن احتجاج ڪري اسٽيبلشمينٽ، سنڌ حڪومت ۽ ملڪ رياض ۽ بحريا ٽائون انتظاميا جون وايون بتال ڪري ڇڏيون، جنھن سبب انھن بوکلائجي پُر امن ڌرڻي کي سبوتاز ڪرڻ لاءِ پنھنجي ملڪيتن کي پاڻ باھ ڏئي ۽ ڀاڻ ڀـڃ ڊاھ ڪرائي ان جي جواز ۾ پر امن ڌرڻي مٿان ڳوڙھا آڻيندڙ گئس جا گولا ھڻندي ۽ لاٺي چارج ڪئي ۽ سون جي تعداد ۾ قومي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو، جنھن کان پوءِ رياست سڄي سنڌ ۾ ڪريڪ ڊائون ڪري جسقم جي چيئرمين صنعان خان سميت سموري مرڪزي قيادت ۽ الاھي بخش بڪڪ سميت سوين قومي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ۽ قومي قيادت ۽ ڪارڪنن جي گھرن جي چوديواري جو تقدس پامال ڪيو ويو ۽ سنڌ ۾ خوف ۽ ھراس جو ماحول پيدا ڪيو پيو وڃي، ھن وقت تائين 23 ايف آءِ آرون سنڌ جي ڏھن ھزار ماڻھن تي داخل ڪري سنڌ حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ ھڪ منفرد ڪارنامو سرانجام ڏنو آھي، هنن چيو ته هو آمريت جي ان عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي قومي قيادت سميت سمورن قومي ڪارڪنن جي آزادي جي گُھر ٿا ڪن ، هنن چيو ته اسان سنڌ ايڪشن ڪاميٽي کان گھر ٿا ڪيون تہ سنڌ اوھان تي اعتماد ڪيو آھي اوھان انھن کي مايوس نہ ڪيو پر جلد ڪراچي اندر سنڌ اسيمبلي يا سي ايم ھائوس جي گھيراءُ جو فيصلو ڪيو، سڄي سنڌ 6 جون وانگر اوھان جو ساٿ ڏيندي. ان موقعي تي سنڌ سجاڳي فورم، سنڌ سجاڳي مزدور فيڊريشن، جسقم، جسم ۽ ايس يو پي جي ڪارڪنن ۽ عھديدارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.