وفاقي بجيٽ ۾ ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان لاءِ 739 ارب رپيا مختص

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي بجيٽ ۾ ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان لاءِ 739 ارب رپيا رکيا ويا آهن.

ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان تحت وفاقي سرڪار شهر ۾ ترقياتي ڪمن لاءِ  98 ارب رپيا ڏيندي، جڏهن ته باقي 509  ارب رپيا سرڪاري ۽ خانگي ڀائيواري ذريعي شامل هوندا.

گڏوگڏ سنڌ جي 14 کان وڌيڪ ضلعن جي ترقي لاءِ 444 ارب رپين سان 107 منصوبا مڪمل ٿيندا.

بجيٽ تقرير ۾ شوڪت ترين چيو ته سکر حيدرآباد موٽر وي ۽ سيالڪوٽ کاريان موٽر وي تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي، ريلوي جو مين لائن ون منصوبو 9 ارب 30 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان مڪمل ٿيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.