پگهارن ۾ 10 سيڪڙو واڌ خلاف سرڪاري ملازمن جو پارليامينٽ ٻاهران احتجاج

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي بجيٽ ۾ پگهارن ۾ 10 سيڪڙو واڌ خلاف سرڪاري ملازمن پارليامينٽ هائوس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو.

مالي سال 22-2021 ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو ايڊهاڪ واڌ خلاف پارليامينٽ هائوس ٻاهران مختلف شعبن سان لاڳاپيل سرڪاري ملازمن احتجاج ڪيو.

هنن حڪومت کان نظرثاني جو مطالبو ڪندي چيو ته مهانگائي کي ڏسندي پگهارن ۾ 25 سيڪڙو تائين واڌ ڪئي وڃي.

ان موقعي تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ جمعيت علماءِ اسلام جي سيڪريٽري جنرل سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري سرڪاري ملازمن کي ايوانن ۾ آواز اٿارڻ جي خاطري ڪرائي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.