بجيٽ قومي اسيمبلي ۽ صوبن مان به پاس ٿيندي، اپوزيشن سکڻو گوڙ ڪندي: شيخ رشيد

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چي آهي ته بجيٽ قومي اسيمبلي ۽ صوبن مان به پاس ٿيندي، اپوزيشن سکڻو گوڙ ڪندي.

خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته بجيٽ دوران سدائين اپوزيشن گوڙ ڪندي آهي، گذريل بجيٽ ۾ به ناڻي واري وزير کي ڳالهائڻ نه پئي ڏنو ويو، اپوزيشن نالي جي ڪا شئي ناهي، بس اسيمبلي ٽڪيٽ لاءِ ڀڄ ڊڪ آهي.

هن چيو ته معيشت جي بهتري ۾ حفيظ شيخ جو به عمل دخل آهي، شوڪت ترين آبادگارن، ننڍن گهرن لاءِ ڪم ڪيو آهي، هن جا غريب طبقي لاءِ اعلان سٺي ڳالهه آهي.

سندس چوڻ هو ته بجيٽ ۾ ايم ايل ون لاءِ به پئسا رکيا ويا آهن، جيڪا وڏي ڳالهه آهي، ان سان ماڻهن کي روزگار ملندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.