مايا علي به ڪاروباري دنيا ۾ پير پائي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ڊرامن ۽ فلمن ۾ اداڪاريءَ سان پاڻ مڃرائيندڙ مايا علي به ڪاروباري دنيا ۾ قدم رکي ڇڏيو.

مايا علي مداحن کي اها خوشخبري انسٽاگرام تي هڪ خاص پوسٽ ذريعي ٻڌائي.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Maya Ali (@official_mayaali)

هن پوسٽ ۾ لکيو ته مان پنهنجي ڪزن سان گڏجي ڪپڙن جو برانڊ لانچ ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو نالو ”مايا پريت“ آهي.

سندس چوڻ هو جيڪڏهن خواب ناهن ته جدوجهد نه ٿيندي، مان، منهنجي پياري ڪزن زينب قدير ۽ انسا قدير، اسان زندگي جي خواب کي حقيقت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، مون کي بس توهان جي محبت ۽ دعائن جي ضرورت آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.