گھوڙاٻاري :شڪاري قبيلي جواسلام قبولڻ کانپوءِ بااثرجي زيادتين خلاف احتجاج

گھوڙاٻاري لڳ ڌانڌاري شهر ويجھو ڳوٺ جمن ميمڻ جي رھواسي شڪاري قبيلي پاران اسلام قبول ڪرڻ کانپوءِ با اثر وڏيري نصرالله انڙ جي زيادتين خلاف احتجاج ڪيو ويو ، ان موقعي تي صحافين اڳيان دانهيندي سندن چوڻ هو ته بااثر وڏيرو نصرالله انڙ سندن مسلمان ٿيڻ کانپوءِ انهن جي نالي تي مختلف ماڻهن کان فنڊ وٺي ھڙپ ڪري وڃي ٿو، سندن چوڻ ھو ته هو سرڪاري زمين تي ويٺل آھن جتان انهن کي با اثر وڏيرو لڏائڻ لاءِ روز ڌمڪائيندو رھي ٿو، انهن تي تشدد ڪري گھر خالي ڪرائڻ لاءِ  ڌمڪائي رهيو آهي انهن جي عورتن جا مٿا ڪوڙي انهن سان وڏو ظلم ڪيو ، هنن مطالبو ڪيو ته بااثر وڏيري نصرالله انڙ کي گرفتار ڪري اسان کي تحفظ ڏئي انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.