بجيٽ معاملي تي پ پ ۽ ن ليگ هڪ ٿي ويون، ڀرپور مخالفت جو فيصلو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اپوزيشن جماعتن وفاقي بجيٽ جي ڀرپور مخالفت جو فيصلو ڪيو آهي ۽ پ پ قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ جي مخالفت ۾ ن ليگ جي غير مشروط حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

بجيٽ تقرير کانپوءِ قومي اسيمبلي ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نئون ناڻي وارو وزير جيڪي ڳالهيون ڪري رهيو هيو، انهن مان لڳي رهيو هو ته ڄڻ هو ڪنهن ٻئي ملڪ جي بجيٽ ۽ معيشت بابت ڳالهائي رهيو آهي.

هن چيو ته جنهن ملڪ جو عوام تاريخي بيروزگاري ۽ مهانگائي کي منهن ڏئي رهيو هجي، ان ئي ملڪ جو وزيراعظم ۽ ناڻي وارو وزير معاشي ترقي جون جيڪي ڳالهيون ڪن ٿا، انهن ۾ ڪو وزن ناهي ۽ اهي ڏکيائين جو شڪار عوام جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪي رهيا آهن.

سندس چوڻ هو ته اپوزيشن ۽ سياسي جماعتن ۾ اختلاف پنهنجي جاءِ تي پر اسان گڏجي بجيٽ ۽ نالائق، نااهل ۽ سليڪٽڊ حڪومت جو مقابلو ڪنداسين.

بلاول ڀٽو زرداري اعلان ڪيو ته بجيٽ خلاف پ پ جا سمورا قومي اسيمبلي ميمبر غير مشروط طور پنهنجا ووٽ شهباز شريف کي ڏئي رهيا آهن ته جيئن هو انهن کي حڪومت خلاف استعمال ڪري سگهي.

ان موقعي تي مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو ته ان ڳالهه جي تصديق ٿو ڪيان ته سڀني اپوزيشن جماعتن طئي ڪيو آهي ته پارليامينٽ ۾ گڏجي حڪومت کي ٽف ٽائم ڏينداسين، حڪومت جي ناڪامين کي منظر تي آڻينداسين، انهن غلط انگ اکر ڏنا، جن جون حقيقتون سامهون آڻينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.