دوڙ: ڍولو شاخ جي سوين آبادگارن طرفان شاخ بند ڪرڻ خلاف مظاهرو ، ڌرڻو

دوڙ ۾ ڍولو شاخ جي سوين آبادگارن طرفان ڪيتري ئي عرصي کان پاڻي نه ملڻ ۽ شاخ بند ھجڻ خلاف سڪل فصل هٿن ۾ کڻي ڍولو شاخ جي منڍ وٽ سخت احتجاج ڪري  ڌرڻو هنيو،آمرجي واھ مان نڪرندڙ ڍولو شاخ جي سوين  آبادگارن اڳوڻي يوسي چيئرمين بلاول ڪيريوـ  عزيز الله بروھي ـ عبدالشڪور زرداري ـ  غلام حسين ديناري سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ، ان موقعي تي سندن چوڻ  هو ته  ڪافي عرصي کان ڍولو شاخ ۾ پاڻي نٿو ڇڏيو وڃي، انهن جون زمينون سڪي ويون آھن ، ھنن چيو ته اسان پ پ پ جا ووٽر آھيون جنهن ڪري اسان کي خبر ناھي ته ڪھڙي سزا ڏني ٿي وڃي،  ھنن چيو ته شاخن جي وارا بندي آھي ته سڀني کي پنهنجو وارو ڏنو وڃي صرف ڍولو کي ھر ھفتي بند ڪري انهن سان ظلم ڪيو پيو وڃي ، هنن چتاءُ ڏنو ته آبپاشي عملو نه سڌريو ته وڌيڪ احتجاجي تحريڪ تيز ڪنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.