قمبر_شهدادڪوٽ ضلعي ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن جواحتجاجي مظاهرو

قمبر شھدادڪوٽ ضلعي ۾ پاڻيءَ جي شديد کوٽ شھري اتحاد قبو سعيد خان ۽ ايس ٽي پي جي گڏيل سڏ تي سوين آبادگارن ۽ ھارين سنڌ بلوچستان جي سرحدي دنگ واري تعلقي قبو سعيد خان ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري موٽر وي تي ڌرڻو ھنيو جنهن سبب ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ ٽن ڪلاڪن تائين معطل رھي ،نتيجي ۾ سوين مسافرن کي سخت گرمي ۾ تڪليف جو منهن ڏسڻو پيو، ان موقعي تي ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن امتياز بروھي, گھنور بروھي,غلام نبي چنو,ساگر چانڊيو,امتياز مگسي ۽ ٻين چيو ته  قمبر شھدادڪوٽ ضلعي جي 14 لک ماڻهن جي گذر سفر جو ذريعو زراعت تي آهي، پاڻي نه هجڻ ڪري زرعي معيشت تباه ٿي رھي آهي پر سنڌ حڪومت ۾ ويٺل ھتان جي نمائيندن  ڪوبه نوٽيس نه ورتو آهي، جنهن ڪري پاڻي جي کوٽ آبادگارن کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي ,ھنن آبپاشي کاتي جي ڪامورن تي الزام ھنيو ته اھي سيف الله مگسي برانچ سميت ٻين شاخن جو پاڻي بااثر آبادگارن کي وڪرو ڪري رھيا آهن جنهن ڪري پاڻي جي کوٽ ٿي ويئي آهي, ھنن مطالبو ڪيو ته شاخن تي رينجرز مقرر ڪري پاڻي چوري ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ معاشي نقصان کان بچايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.