ڪوٽڙي ڀرسان عورت پاران مڙس تي نازڪ عضوي تي جهِيرڏيڻ جو الزام

ڪوٽڙي لڳ کاڻوٺ جي ڳوٺ خاصائي جي عورت شاهده پاران مڙس تي نازڪ عضوي تي جهير ڏيڻ جو الزام هنيو ويو، عورت شاهده صحافين آڏو دانهيندي چيو ته سندس مڙس نشو کارائي زبردستي ڪرڻ سان گڏ تيز ڌار سان نازڪ عضوي تي جهير ڏنا. هوش ۾ اچڻ کانپوءِ هن ڏٺو ته هوءَ رتو رت ٿي وئي آهي ،جنهن کانپوءِ مائٽ علاج لاء مانجهند اسپتال کڻي آيا. مانجهند اسپتال مان ڪوٽڙي ريفر ڪيو ويو، هن الزام هنيو ته سندس مڙس علي نواز پنجن سالن کان مٿس تشدد ڪندو ٿو اچي. هن ٻڌايو ته هوءَ کاڻوٺ پوليس وٽ به وئي هئي پر انهن ڪوبه داد فرياد نه ڪيو. پوليس ميڊيڪل لاء ليٽر ڏئي موڪلي ڇڏيو، کاڻوٺ پوليس موجب عورت جي فرياد تي کيس ميڊيڪل لاء ليٽر ڏنو، ميڊيڪل رپورٽ بعد جاچ ڪئي ويندي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.