شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور جي شاگردن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ مظاهرو

شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور ٻاهران گذريل ڏينهن 25 شاگردن کي کنڀي گم ڪرڻ ۽ شاگردن کي بنيادي حقن کان محروم رکڻ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري جي اڳواڻي ڄام محبوب سهتو، جبران سرڪي، عرفان علي، عمران ،فيض الله، نثار علي ڦلپوٽو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، شاگردن جو چوڻ هو ته شاهه عبدالطيف يونيورسٽي جي  وائيس چانسلر ڊاڪٽر خليل ابوپوٽو جي ڪرپشن ،شاگردن سان ٿيندڙ ناجائزين خلاف شاگردن پاران ٿيندڙ احتجاج جي سلسلي کي روڪڻ لاءِ شاگردن مٿان ڪوڙا دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪري 25 کان وڌيڪ شاگردن کي پوليس کان گرفتار ڪرائي کنڀي گم ڪيو ويو آهي، جنهن جي هو سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا، هنن مطالبو ڪيو ته کنڀي گم ڪيل شاگردن کي فوري طور آزاد ڪري شاگردن جا جائز مسئلا حل ڪيا وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.