پکو: عوامي شڪايتن تي ايس ايڇ او جي بدلي، شهرين پاران خوشي جو اظهار

پکو ۾عوامي شڪايتن جو ايس ايس پي قمبر شھدادڪوٽ نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او صادق عباسي کي ھٽائي ڇڏيو، سماجي ڌرين ۽ شھرين پاران دھل وڄائي ريلي ڪڍي وئي ان ڏس ۾ ايس ايس پي قمبر شھدادڪوٽ ثُمير نور چنا سان ٻه ڏيبھن اڳ جي يو آءِ اڳواڻ قاري محمد عثمان , جسقم اڳواڻ مختيار پنھور ,  سجاڳ نوجوان اتحاد جي ممتاز وڳڻ , جي ايم وڳڻ ۽ اعجاز چولياڻي ملاقات ڪري ايس ايڇ او صادق عباسي خلاف شڪايت ڪئي ھُئي ته ھُو ڏوھارين جو ساٿاري ھُجڻ سان گڏ شريف شھرين کي تنگ ڪري رشوت گھري رھيو آھي ، جنھن تي ايس ايس پي قمبر ڊي ايس پي منظور جوکيو جي اڳواڻي ۾ انڪوائري ٽيم جوڙي ھُئي جنھن جي انڪوائري ۾ سمورا الزام ثابت ٿيڻ تي ايس ايس پي قمبر حڪم جاري ڪندي ايس ايڇ او صادق عباسي کي ھٽائي سعيد احمد جماڻي کي وڳڻ ٿاڻي جو نئون انچارج مقرر ڪري ڇڏيو آھي , ھوڏانھن اھڙي خوشي ۾ سماجي ڌرين ۽ شھرين طرفان دھل شرنائن سان شاندار ريلي ڪڍي مٺائي ورھائي، شھرين جو وات مٺو ڪرايو ويو، ان موقعي شھري ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن ڪامريڊ مختيار پنھور , غلام حسين مغيري , مھراڻ ممتاز وڳڻ , جي يو آءّ اڳواڻ قاري محمد عثمان مغيري , اعجاز علي چولياڻي , اعجاز وڳڻ , ۽ ٻين  ايس ايس پي قمبر شھداد ڪوٽ ڊاڪٽر ثمير نور چنا ۽ تڪ جي ايم پي اي نوابزاداه برھان خان چانڊيو جا ٿورا مڃيا .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.