جهانگيز ترين جي شگز ملز جي آڊٽ خلاف درخواست رد

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) عدالت جهانگيز ترين جي شگز ملز جي آڊٽ خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس راحيل ڪامران شيخ، جهانگير ترين جي شگر ملز جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي ۽ فيصلو ٻڌايو.

درخواست گذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته جي ڊي ڊبليو جو شمار پاڪستان جي وڏين ٽيڪس ڏيندڙ ملن ۾ ٿيندو آهي، ايف بي آر کي نوٽيس جاري ڪرڻ کان اڳ اطلاع ڏيڻ لازمي آهي، نوٽيس موڪليندڙ ان ڳالهه جو مجاز ئي ناهي ته تفصيل پڇي سگهي، اثاثن جي ڇنڊ ڇاڻ لاڳاپيل ٽيڪس آفيسر ڪري سگهي ٿو، داخل ڪرايل جواب کي حتمي جواب ئي نه پيو مڃيو وڃي.

عدالت موقف ٻڌڻ کانپوءِ شگز ملز کي موڪليل نوٽيس ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواست خارج ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.