شوڪت ترين جي بجيٽ تقرير دوران اپوزيشن جو احتجاج، گوڙ

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ ناڻي واري وزير شوڪت ترين جي بجيٽ تقرير دوران اپوزيشن احتجاج ۽ گوڙ شروع ڪري ڇڏيو.

شوڪت ترين قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ پيش ڪري رهيو هو ته اپوزيشن طرفان احتجاج ۽ گوڙ ڪيو ويو پر ناڻي واري وزير هيڊ فون لڳائي ڇڏي ۽ بجيٽ تقرير جاري رکي.

هن چيو ته حڪومت جي ٽين بجيٽ پيش ڪرڻ مون لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي، عمران خان جي قيادت ۾ معيشت کي طوفانن مان ڪڍي ڪناري پهچايو سين.

سندس چوڻ هو ڏکيائيون ضرور آهن پر معيشت کي مستحڪم بنياد فراهم ڪري ڇڏيو آهي، هاڻ معيشت ترقي ڏانهن وڌي رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.