خاران ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، 2 دهشتگرد مارجي ويا، هڪ جوان شهيد

 

راولپنڊي (ويب ديسڪ) بلوچستان جي ضلعي خاران ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب خاران ۾ هلمرگ جي علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته مقابلي ۾ ايف سي بلوچستان جو هڪ سپاهي فدا الرحمان شهيد ٿي ويو، جنهن جو واسطو مستوج، چترال سان آهي.

پاڪ فوج جي ترجمان اداري ٻڌايو ته مارجي ويل دهشتگرد شهرين ۽ فورسز تي ڪيترن ئي حملن ۾ ملوث هئا، انهن جي قبضي مان هٿيار به هٿ ڪيا ويا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.