حڪومت قانون سازي جا قاعدا ٽوڙي 20 بل بلڊوز ڪيا: شهباز شريف

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت جمهوري قدرن ۽ قانون سازي جي قاعدن ۽ ضابطن کي ٽوڙي 20 بل بلڊوز ڪيا.

ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ شهباز شريف چيو ته گذريل ڏينهن حڪومت قومي اسيمبلي ۾ غير معمولي تڪڙ، جمهوري قدرن ۽ قانون سازي جي قاعدن ۽ ضابطن کي ٽوڙي 20 بل بلڊوز ڪيا.

هن چيو ته گذريل ڏينهن جي عمل پويان حڪومت جي بدنيتي مڪمل واضح آهي، ائين قاعدن جا بخيا اڊيڙي پاريامينٽ ناهي هلندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.