خضدار: دادو واسي زائرين جي بس کاهيءَ ۾ ڪِري پئي، 23 ڄڻا فوت

خضدار (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي خضدار ۾ زائرين جي بس کاهيءَ ۾ ڪِرڻ جي نتيجي ۾ 23 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا، جن مان گهڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

بس ڀلونڪ واري هنڌ موڙ ڪاٽيندي ڊرائيور کان بي قابو ٿي اونڌي ٿي پئي ۽ کاهيءَ ۾ وڃي ڪري، جنهن جي نتيجي ۾ گهڻيون فوتگيون بس جي ڇِت تي ويٺل ماڻهن جون ٿيون.

بس ۾ سوار ماڻهن جو واسطو سنڌ جي دادو ضلعي سان آهي، جيڪي وڍ ڪاڪا هير جي عرس ۽ دستاربندي جي تقريب ۾ شرڪت کانپوءِ واپس پنهنجي علائقي وڃي رهيا هئا.

واقعي جو اطلاع ملندي ئي مقامي ليويز ۽ ايڌي رضاڪارن فوتين جا مڙهه ۽ زخمين کي گورنمينٽ ٽيچنگ اسپتال خضدار پهچايو.

ڊي سي خضدار موجب حادثو جمعي جي صبح پيش آيو، جنهن ۾ 15 ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته سخت زخمين اسپتال ۾ دم ڏنو، فوتين ۾ 2 سڳا ڀائر ۽ هڪ ئي خاندان جا 4 ڀاتي به شامل آهن، جڏهن ته 48 زائرين زخمي ٿيا.

حادثي ۾ فوت ٿيندڙن ۾ محمد آصف، مهر دل، نظام الدين، اسد علي، حافظ محمد هاشم علي، مراد عاطف علي، نثار احمد، جاويد علي، زين العابدين، عاشق علي، سجاد علي، سهيل احمد، منير احمد، احسان علي، امان الله، عبدالحفيظ ۽ ٻيا شامل آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.