وفاقي بجيٽ: پگهارن ۽ پينشن ۾ 10 سيڪڙو واڌ، گهٽ ۾ گهٽ اجرت 20 هزار مقرر

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت ايندڙ سال جي بجيٽ ۾ پگهاردار طبقي تي نئون ٽيڪس نه هڻڻ ۽ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 10 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين وفاقي بجيٽ 22-2021 پيش ڪندي چيو ته وفاقي بجيٽ جو ڪاٿو 8 هزار 487 ارب رپيا رکيو ويو آهي، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو ايڊهاڪ واڌ ڪري رهيا آهيون، جڏهن ته پينشن ۾ به 10 سيڪڙو واڌ ڪئي پئي وڃي.

قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ پيش ڪندي شوڪت ترين ٻڌايو ته ملڪ ۾ مهانگائي کي ڏسندي گهٽ کان گهٽ اجرت 20 هزار رپيا مقرر ڪرڻ جي تجويز آهي، پگهاردار طبقي تي ڪو نئون ٽيڪس نه لڳايو ويندو، طاقتور گروپن کي ملندڙ ٽيڪس ڇوٽ جو خاتمو ڪيو ويندو، مقامي طور تي تيار گاڏين تي سيلز ٽيڪس جي شرح 17 سيڪڙو مان گهٽ ڪري 12.5 سيڪڙو ڪئي پئي وڃي.

بجيٽ تقرير جا اهم نڪتا:

  • 3 منٽن کان وڌيڪ دورانيي جي موبائل فون ڪالز، انٽرنيٽ ڊيٽا جي استعمال ۽ ايس ايم ايس پيغامن تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي لاڳو
  • پهرين جولاءِ 2021 کان سمورن وفاقي ملازمن لاءِ 10 سيڪڙو ايڊهاڪ رليف جو اعلان
  • سڀني ملازمن جي پينشن ۾ 10 سيڪڙو واڌ
  • گهٽ ۾ گهٽ ماهوار پگهار 20 هزار رپيا مقرر
  • پگهاردار طبقي تي ڪو نئون ٽيڪس نه لڳايو ويندو
  • مقامي سطح تي ٺاهي ويندڙ 850 سي سي گاڏين تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي جي ڇوٽ ۽ سيلز ٽيڪس ۾ گهٽتائي
  • آءِ ٽي جي خدمتن جي برآمدن لاءِ زيرو ريٽنگ جي اجازت
  • گُلن جي رَس تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي جو خاتمو
  • قرآن پاڪ جي پرنٽنگ ۽ اشاعت ۾ استعمال ٿيندڙ آرٽ ۽ پرنٽنگ پيپرز جي درآمد تي ڇوٽ
  • وفاقي پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام (پي ايس ڊي پي) لاءِ 40 سيڪڙو واڌ سان 900 ارب رپيا مختص
  • زراعت جي شعبي لاءِ 12 ارب رپيا مختص
  • بجلي جي پهچ لاءِ 118 ارب رپيا مختص
  • موسمياتي تبديلين جي حوالي سان منصوبن لاءِ 14 ارب رپيا مختص
  • ڪورونا ويڪسين جي خريداري لاءِ هڪ ارب 10 ڪروڙ رپين مختص ڪرڻ جي تجويز
  • ڪووڊ 19 ايمرجنسي فنڊ لاءِ 100 ارب رپيا مختص
  • سنڌ کي خاص گرانٽ لاءِ 12 ارب رپيا مختص
You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.