ڪرمپور ڀرسان هٿياربندن هٿان ڪوئيٽا واسي 2 پورهيت اغوا،پوليس ۾ حدبندي تڪرار

ڪرمپور (ن ع آ)ڪرمپور ڀرسان هٿياربندن هٿان ڪوئيٽا واسي ٻه پورهيت مبينا اغوا ڪرين مشين جي ڊرائيورن محمد قدوس ۽ عمر پٺاڻ  کي هٿياربند اغوا ڪري ويا ڳوٺ آغا عزيزالله بجاراڻي ۾ ڪرين مشين تي ڪم ڪرڻ بعد ٻئي ڄڻا موٽرسائيڪل تي واپس وڃي رهيا هئا ته رستي مان اغوا ٿي ويا وارثن پاران ڪرمپور ٿاڻي تي واقعي جو اطلاع ڏنو ويو مغوين جي وارث سهراب پٺاڻ ٻڌايو ته ڪرين مشين ذريعي ٽريڪٽر ٽرالين تي مٽي کڻي پورهيو ڪندا آهيون رات جو ڪم بند ڪرڻ بعد ٻئي ڄڻا موٽرسائيڪل تي واپس ڪرمپور شهر اچي رهيا هئا ته رستي مان هٿياربند کين اغوا ڪري ويا آهن ٻئي طرف اغوا واقعي بابت ايس ايس پي ڪشمور امجد شيخ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته  اغوا ڄاڻايل ٻئي ڄڻا سندس ضلعي مان نه پر ڪرمپور شهر ڪراس ڪرڻ بعد اغوا ٿي ويا آهن جيڪي شڪارپور ضلعي جي ناپرڪوٽ ٿاڻي جي حد  مان اغوا ٿيا آهن مغوين جي وارثن پوليس کي چتاء ڏنو آهي ته ٻن ڏينهن اندر نوجوان بازياب نه ٿيا ته انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويندو ٻن ضلعن جي پوليس ۾ حدبندي جي تڪرار سبب واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.