متحده ۽ رياستي ادارا ملڪ رياض جو دفاع پيا ڪن: کاٻي ڌر جا اڳواڻ

ڪراچي ( رپورٽر ) کاٻي ڌر اڳواڻن چيو آهي ته  پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم، رياستي ادارا ۽ ٻيون ڌريون ملڪ رياض جي دفاع ۾ اٿي کڙا ٿيا  آهن، صنعان قريشي جهڙي اڳواڻ ۽ گل حسن ڪلمتي جهڙن دانشورن مٿان دهشتگردي جا ڪيس داخل ٿيڻ جي مذمت ڪجي ٿي، اهڙين ڳالهين جو اظهارن گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ عوامي ورڪرز پارٽي جي گڏجاڻي دوران اڳواڻن ڪيو، عوامي ورڪرز پارٽي جو اجلاس صدر يوسف مستي خان جي رهائشگاهه تي ٿيو، جنهن ۾ عوامي ورڪرز پارٽي جي وفاقي آرگنائيزنگ سيڪريٽري جاويد اختر، نائب صدر سنڌ حسن ايليا، حسن جاويد، ڪراچي جو صدر شفيع شيخ، خرم علي، حفيظ بلوچ ۽ سنڌ انڊيجينئيس رائيٽس الائينس، نيشنل پارٽي، ڪراچي پچايو تحريڪ، لياري عوامي محاذ، بلوچ متحد محاذ، بلوچ يڪجهتي ڪميٽي، مزدور هاري پارٽي سميت مختلف پارٽين ۽ تنظيمن جي ڪارڪنن پڻ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اجلاس ۾ شريڪ ٿيندڙ سمورين پارٽين جي اڳواڻن 6 جون تي بحرياٽائون خلاف قوم پرست جماعتن جي ڌرڻي کي ڪامياب قرار ڏيندي گرفتار ڪيل صنعان قريشي، گل حسن ڪلمتي سميت سمورن ماڻهن کي آزاد ڪري مٿن داخل ڪيل ڪوڙا ڪيس ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو، بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي اڳواڻ آمنه بلوچ چيو ته بحريا ٽائون خلاف ڌرتي ڌڻين جو ڌرڻو ڪامياب ويو جنهن تي کين مبارڪون پيش ڪجن ٿيون، عبدالخالق زردان چيو ته بحريا ٽائون خلاف تحريڪ اڃان به تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.