فردوس عاشق پاران قادر مندوخيل کي ٿڦڙ جي وڊيو پڌري، سوشل ميڊيا تي بحث

اسلام آباد( م ڊ) پيپلز پارٽي ايم اين اي قادر مندوخيل کي پي ٽي آءِ اڳواڻ فردوس عاشق اعواڻ پاران ٿڦڙ هڻڻ بابت سوشل ميڊيا تي  بحث ٿيو آهي. تجزئي نگارن ۽ صحافين اهڙي ماحول جو ذميوار اينڪر کي قرار ڏنو آهي. ڪجهه ماڻهن مندوخيل جي ته ڪجهه فردوس عاشق جي حمايت ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ ڪرن جهانگير چيو ته هي مرد عورت کي خاموش ڪرائڻ لاءِ بدزباني ڪندا آهن.  ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جا اڳواڻ تنقيد ۽ مخالفت برداشت ناهن ڪندا.اساما خلجي جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ ميمبرن جو سڄو موقف ٻين تي بدعنواني جا الزام هڻڻ تي ئي هوندو آهي، جيڪڏهن ٻيو ڪير ان تي ڪو ڪم ڪري ته ان کي ٽيليويزن تي ٿڦڙ هڻي ڇڏيندا آهن.  هڪ صارف عثمان سرفراز جو چوڻ هو ته سڄي ذميواري ميزبان جاويد چوڌري جي آهي، هو ڏسي رهيو هو ته ڳالهه ٻول سخت ٿي رهي هئي پر هو صرف ڏسندو ئي رهندو ويو.  هڪ صارف جاويد چوڌري جي تصوير رکي چيو ته هن  ۾ هڪ ئي شخص مزو وٺندو رهيو آهي، جنهن ويڙهه روڪڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي. صحافي مبشر زيدي جو چوڻ آهي ته اڪثر اينڪر روزاني بي معنيٰ موضوعن تي ڳالهه ٻول ڪندا آهن ۽ عوام ۽ معاشرتي معاملن کان پري هوندا آهن.نسيم زهره چيو ته هي سئو سيڪڙو اينڪر جي ذميواري هوندي آهي ته هو معاملي کي ان حد تائين نه پهچائي. 03

وڊيو ۾ تصوير جو هڪ رخ ڏيکاريو ويو آهي: فردوس عاشق

اسلام آباد( م ڊ) پنجاب جي سڌ سماءُ واري صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وڊيو ۾ تصوير جو هڪ رخ ڏيکاريو ويو آهي. مندوخيل  جي گارگند ناهي ڏيکاري وئي. فردوس عاشق چيو ته قادر مندوخيل مون سان گڏ منهنجي والد خلاف به ڳالهايو ته ڪاوڙ لڳي. هوڏانهن پ پ ايم اين اي قادر مندوخيل چيو آهي ته فردوس عاشق سان پهريون ڀيرو ڪنهن پروگرام ۾ شريڪ ٿيو هئس. فردوس عاشق ڪنهن کي به ڳالهائڻ ناهي ڏيندي. قادر مندوخيل چيو ته هن اهڙي ڪابه ڳالهه نه ڪئي جنهن ۾ فردوس عاشق کي ٽامڻي لڳي . هو اڌ ڪلاڪ ڳالهائيندي رهي جڏهن مون ڳالهايو ته هو وچ ۾ ٽوڪيندي رهي، چيو ته اوهان ته ڪرپشن ۾ ٻڏا پيا آهيو ته مون چيو ته ڪرپٽ ته تون آهين ان ڪري ئي توکي ڪرپشن سبب وزارت تان هٽايو ويو، جنهن تي هو گار گند تي لهي آهي. مون خاموش رهيس، هن چماٽ هڻڻ جي ڪوشش ڪئي، وري پيالو هڻڻ چاهيو، مون دروازو بند ڪري جان ڇڏائي. 03

فردوس عاشق پاران مندوخيل کي هڪ ارب هرجاڻي جو نوٽيس

اسلام آباد(م ڊ) پنجاب جي وڏي وزير جي خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ پ پ ايم اين اي عبدالقادر مندوخيل کي هڪ ارب رپيا هرجاڻي جو نوٽيس موڪلي ڇڏيو آهي، نوٽيس ۾ لائيو پروگرام ۾ بدسلوڪي، هراسان ڪرڻ ۽ الزام لڳائڻ جو معاملو اٿاريو ويو آهي، نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته قادر مندوخيل 14ڏينهن ۾ ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ کان غيرمشروط معافي وٺي ۽ جيڪڏهن هن معافي نه ورتي نه هتڪ عزت آرڊيننس 2002 تحت ڪارروائي ڪئي ويندي، نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته بنا ڪنهن ثبوت جي ڪرپشن جا الزام هنيا ويا.

فردوس عاشق عورت ذات کي لڄايو آهي: حنا پرويز بٽ

لاهور (م ڊ) ن ليگ جي پنجاب اسيمبلي ميمبر حنا پرويز بٽ پي ٽي آءِ اڳواڻ فردوس عاشق اعواڻ جي رويي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ڪنهن عورت کي حق ناهي ته اها مرد تي حق کڻي. سوشل ميڊيا تي جاري بيان  ۾ هن چيو ته فردوس جهڙيون عورتون عورت جي نالي تي چُٽو آهن، اهڙيون عورتون ٻين عورتن لاءِ به بدنامي جو ڪارڻ بڻجن ٿيون پر ڏسجو نيازي جهڙو گهٽ ظرف انسان ان ڪِريل حرڪت تي به کيس داد ڏيندو.

فردوس عاشق جي ٿڦ جي قومي اسيمبلي ۾ گونج

اسلام آباد(م ڊ) فردوس عاشق اعواڻ ۽ قادر خان مندوخيل جي وچ ۾ ٽاڪ شو ۾ جهيڙي معاملي تي قومي اسيمبلي ۾ به گفتگو ٿي، پ پ ايم اين اي قادر مندوخيل چيو ته فردوس عاشق عاوڻ ڪالهه ٽي  وي شو ۾ هڪ چونڊيل ايم اين  اي سان جيڪو سلوڪ ڪيو آهي اها هن ايوان جي توهين آهي، ان عمل سان هن ايوان جي هر ميمبر جو ڪنڌ شرم ۾ جهڪي ويو آهي، اهو عمران خان جي تربيت جو نتيجو آهي، مملڪتي وزير علي محمد خان کيس جواب ڏيندي چيو ته ڪالهه ٽي وي شو ۾ جيڪو به ٿيو اهو ذاتي فعل هو جنهن جو عمران خان سان ڪهڙو تعلق؟ اسان سڀني کي ان عمل تي افسوس آهي، هن چيو ته ان ڏينهن به پ پ ميمبرن ايوان ۾ گاريون ڏنيون، عمران خان جو ڏوهه اهو آهي ته هن اسٽيٽس ڪو کي چئلينج ڪيو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.