ڪڻڪ چوري ڪيس ۾ جوابدارن جي ضمانت ۾ 14 جولاءِ تائين واڌ

ڪراچي ( رپورٽر)سنڌهاءِ ڪورٽ جي جسٽس يوسف سعيد ۽ جسٽس عدنان چوڌري تي ٻڌل ٻه رڪني  بئنچ ڪڻڪ چوري ، ڪرپشن ۽ قومي ناڻي کي 35ڪروڙن کان وڌيڪ نقصان پهچائڻ واري ڪيس ۾ نيب جي انڪوائري جي خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي،.نيب جي وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني،  عدالت جوابدارن جي عارضي ضمانت ۾ 14جولاءِ تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي، ايندڙ ٻڌڻي تي نيب سکر کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪئي آهي .جوابدارن ۾ مڪيش ڪمار،راهول ،پشورام شامل آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.