ٺٽي ۾ نوجوان سان اجتماعي زيادتي، وڊيو ڀري وائرل، متاثر پاران آپگهات جي ڪوشش

ٺٽو(بيورو چيف) ٺٽي جي کڏائي پاڙي جي 16 سالا نوجوان محمود گندرو کي اوباش نوجوان مھتاب ملاح پنھنجي ٽن ساٿين سان گڏجي نوجوان کي لڄالٽ جو نشانو بڻايو ۽ سڄي واقعي جي وڊيو پڻ ڀري، جڏھن ته  اوباش نوجوانن رڪارڊ ڪيل وڊيو وائرل ڪري ڇڏي، جنھن تي دل برداشته ٿي زيادتي جو شڪار بڻيل نوجوان 2 ماڙ عمارت تان ٽپو ڏئي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي، جنھن کي علاج لاءِ سول اسپتال مڪلي آندو ويو، جتي سندس حالت نازڪ ھجڻ جي ڪري کيس وڌيڪ علاج لاءِ ڪراچي جي اسپتال ڏانھن روانو ڪيو ويو آھي. جڏھن ته واقعي بابت نه  ڪيس داخل ٿيو آھي ۽ نه  ئي وري ڪا گرفتاري عمل ۾ آئي آھي. خودڪشي ڪندڙ نوجوان جي وارثن موجب اوباش نوجوانن مھتاب ملاح ۽ سندس ساٿين سندن نوجوان کي بدفعلي جو نشانو بنائي وڊيو رڪارڊ ڪري بليڪ ميل ڪندا ھئا ۽ پئسن جي گھر ڪندا ھئا، پئسا نه  ڏيڻ تي وڊيو وائرل ڪري ڇڏي، جنھن تي نوجوان محمود گندرو دل برداشتہ ٿي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، جنھن کي نازڪ حالت ۾ ڪراچي جي اسپتال ۾ داخل ڪرايو آھي، جتي ھُو زندگي ۽ موت جي جنگ وڙھي رھيو آھي، وارثن جوابدارن خلاف ڪاروائي جو مطالبو ڪيو آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.