اديبائون ۽ مشڪرا بحريا ٽائون جي شان ۾ قصيده پيا پڙهن: عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري علي محمد پرويز، مرڪزي  ميڊيا سيڪريٽري راحيل ڀٽو، مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي ۽ جاکرو نوحاڻي پنهنجي پريس بيان ۾ چيو آهي ته ملڪ ۾ هڪ قبضاگير قومي ڪارڪنن مٿان دهشتگردي جا ڪيس ڪرائي رياست اندر رياست ٺاهي آهي. 4 مئي 2018ع تي سپريم ڪورٽ واضع فيصلو ڪيو هو ته بحريا ٽائون جو سنڌ حڪومت سان زمينن متعلق سودو غير قانوني آهي. اڳواڻن وڌيڪ چيو آهي ته سنڌ جا ڪجهه اديب، اديبائون ۽ مشڪرا بحريا ٽائون ۾ پلاٽ ۽ فليٽ ملڻ جي آسري ۾ بحريا ٽائون جهڙن قبضاگير ۽ دهشتگرد گروهه جي شان ۾ قصيده پڙهي تاريخ ۾ پاڻ کي چنيسر، نائون مل، ڄام صادق ۽ ايوب کهڙي کان وڌيڪ خوار خراب ڪري رهيا آهن، هنن چيو ته سنڌ جو عوام بحريا ٽائون، ذوالفقارآباد، ڊي ايڇ اي سٽي ۽ ڪمانڊر سٽي سميت سمورن قبضاگير اسڪيمن ۾ سيڙپڪاري ڪندڙن کي پيغام ٿو ڏئي ته هو انهن ۾ سيڙپڪاري کان پاسو ڪن ڇاڪاڻ ته انهن زمينن تي پلاٽنگ ڪندڙ قبضاگير آهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.