وڳڻ ۾ڪارڪنن کي کنڀيندڙايس ايڇ او بدلي، خوشي ۾ ريلي

لعلورائنڪ ( ن ع آ )  لعلورائنڪ ڀرسان وڳڻ ۾ جسقم جي ڌرڻي تي هلان ڪري  ڪارڪنن کي کنڀيندڙ ايس ايڇ او وڳڻ صادق عباسي  کي ايس ايس پي هٽائي ڇڏيو،    جيڪو چارج ڇڏي رات  جو ئي روانو ٿي ويو، سندس جاءِ تي سعيد احمد جماڻي کي مقرر ڪيو ويو آهي ، جنهن  چارج سنڀالي ورتي آھي،  جڏھن ته ڊي ايس پي نصيرآباد ايٽ وڳڻ غلام قادر بروھي کي پير جي ڳوٺ بدلي ڪري سندس جاءِ تي خادم حسين بليدي کي مقرر ڪيو ويو آھي،  ھوڏانھن شھري ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن ڪامريڊ غلام حسين مغيري، ممتاز وڳڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾خوشي ۾ دھل وڄائي ريلي ڪڍي وئي ۽  شھرين کي مٺائي کارائي وئي، مک چوڪ تي تقريب کي خطاب ڪندي   اڳواڻن چيو ته صوبيدار صادق عباسي  ھر سماجي برائيءَ جي جَڙَ ھو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.