ٺٽو ڊويزن وارا بندي باوجود پاڻي کان محروم، آبادگار پريشان

ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي) سنڌ ۾ پاڻي بحران وارو مامرو، سنڌ جي پوڇڙ واري ضلعي ٺٽي کي به پاڻي ۾ سخت نظر انداز ڪيو ويو،  عوام پيئڻ جي پاڻي کان به محروم بڻيل، ايريگيشن کاتي جا عملدار بہ ضلعي ٺٽي جي مختلف پنھنجي من پسند تعلقن کي نوازڻ لڳا، ٺٽو سب ڊويزن جا واھ ته وارا بندي باوجود پنھنجي واري تي ته پاڻي کان محروم بڻيل، مقامي رھواسين جو احتجاج پنھنجي واري جو پورو پاڻي ڏيڻ جو مطالبو. ان سلسلي ۾ صحافين پاران ڪيل مختلف ريگيوليٽرن ڪي بي فيڊر ھيڊ ريگيوليٽر، 22 آر ڊي، 83 ريگيوليٽر، 22 لوئر ناري ڇڇ ۽ ٻين ريگيوليٽرن جي دوري دوران ھفتي کان پوءِ مليل واھن ۾ پاڻي جو جائزو ورتو ويو، جتي معلوم ٿيو ته ضلعي ٺٽي جي مختلف واھن لاءِ مليل پاڻي رڳو ساحلي تعلقن ميرپور ساڪرو ۽ گھوڙاٻاري جي واھن کي وڌيڪ ڏنو ويو آھي، جڏھن ته ٺٽو سب ڊويزن جي واھن ۾ ھڪ ھفتي جي واري باوجود رڳو پيئڻ لاءِ پاڻي ڇڏيو ويو آھي، باقي آباديون سڪڻ لڳيون، مقامي آبادين جا رھواسي سراپا احتجاج بڻجي ويا آھن. جن دانھيندي چيو ته ايريگيشن کاتي جي انجنيئر ۽ اي سي جي ملي ڀڳت سان رڳو نور نظر تعلقن جي واھن ۾ پاڻي ڇڏي باقي واھن کي سڪائي ھٿ وٺي پاڻي جي کوٽ ڄاڻائي عوام کي اڃ مرڻ تي مجبور ڪيو ويو آھي. ھنن چيو ته ھڪ ھفتي کانپوء سب ڊويزن ٺٽو جي واھن ۾ پاڻي ڇڏڻ جو وارو آھي، پر ايريگيشن کاتي جي عملدارن پاران سب ڊويزن ٺٽو جي واھن جو واري باوجود ان جو پاڻي گھٽائي ساڪرو ۽ گھوڙاٻاري جي واھن ۾ ڇڏي ھتان جي آبادگارن ۽ رھواسين سان وڏي ناانصافي ڪئي ويئي آھي. ھنن چيو تہ اھڙي دانھن چونڊيل نمائندن سميت ايريگيشن کاتي جي اعلي اختيارين کي ڏني ويئي آھي، پر اڃان تائين ان تي عمل ٿي ناھي سگھيو. ھنن گھر ڪئي ته کين پنھنجي حصي جو پاڻي ڏيئي بااثر ايريگيشن ايڪسين ميرپور ساڪرو محمد الرحيم قريشي کي ھٽائي کين پريشاني کان بچايو وڃي، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.