سڪرنڊ ڀرسان پنجاب جي واپارين کان 6 لک رپيا ڦر

سڪرنڊ (ن ع آ) سڪرنڊ ويجهو قومي شاهراهه تي ڪراچي کان فيصل آباد ويندڙ فيصل آباد جي رهواسين ڪپڙي جي واپارين عدنان رائو  , نعمان رائو , راڻا جميل کان قومي شاهراهه تي 10 هٿيار بندن هٿيارن جي زور تي ڪار کي روڪي روڪ رقم 6 لک روپيه ۽ موبائل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا. جنهن بعد ضلعي شهيد بينظيرآباد جي مختلف ٿاڻن جي پوليس واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪرڻ بعد سڪرنڊ جي مختلف ڳوٺن تي چڙهائي ڪري 15 کان وڌيڪ شڪي ماڻهن کي حراست ۾ وٺي جاچ ڪري رهي آهي. جڏهن ته آخري اطلاعن تائين ڪو به ڪيس وغيره داخل نه ٿي سگهيو آهي. جڏهن ته متاثر واپارين عدنان رائو چيو ته اسان ڪپڙي جا واپاري آهيون ڪراچي کان فيصل آباد وڃي رهيا هئاسين ته سڪرنڊ نيشنل هائي وي تي 10 هٿياربندن روڪي اسان کان روڪ رقم ۽ موبائل فون ڦر ڪرڻ بعد ڪيلي جي فصل ۾ فرار ٿي ويا آهن. متاثر واپارين سڪرنڊ ٿاڻي تي احتجاج ڪندي ڊي آئي جي شهيد بينظيرآباد ، ايس ايس پي بينظيرآباد کي اپيل ڪئي آهي ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي ۽ ڦر رقم واپس ڏياري وڃي. جڏهن ته واپاري اڃا تائين سڪرنڊ ٿاڻي تي ويٺل. سڪرنڊ پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون شڪي ماڻهن کان جاچ ڪري رهيا آهيون اميد ته جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.