ڊيمن سان فطري وهڪرا متاثر ٿين ٿا :نواز زنئور

حيدرآباد (پ ر)جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور چيو آهي ته سنڌو نديءَ ۽ ان جي ڀرتو ندين تي ڊيمن ٺاهڻ واريون رٿائون  سنڌوءَ جي تباهي جون رٿائون آهن. ڊيمن سان درياهن جا فطري وهڪرا متاثر ٿين ٿا ۽ درياهه تباهه ٿي وڃن ٿا. تنهن ڪري ديامير ڀاشا ڊيم، مهمند  ڊيم، اکوڙي ۽ داسو ڊيم سميت ڊيمن جا سڀ منصوڀا ختم ڪيا وڃن. سنڌي قوم ڊيمن جي رٿائن کي مڪمل طور رد ڪري ٿي. جاري ڪيل بيان ۾ اهڙن خيالن جو اظهار ڪندي هن وڌيڪ چيو ته سنڌ سان پاڻي جي مامري ۾ ٻطرفي ناانصافي ٿي رهي آهي. هڪ طرف ڊيمن جون رٿائون ٺاهي سنڌو درياهه کي سڪايو ۽ تباهه ڪيو پيو وڃي ۽ ٻئي طرف پنجاب سنڌ جي حصي جو پاڻي چوري ڪري رهيو آهي. پاڻي جي چوري سي جي لنڪ ڪئنال، ٿل ڪئنال ۽ ٽي پي لنڪ ڪئنال ذريعي ٿي رهي آهي. ساڳيي وقت تونسا کان هيٺ وڏين لفٽ مشينن ۽ ڊسٽرين توڙي ڪٽن وسيلي سنڌو درياهه مان سڌي ريت پاڻي کنيو پيو وڃي. جنهن سان گڊو بئراج تي گھٽ پاڻي پهچي ٿو. نواز خان زئور وڌيڪ چيو ته قومي پارٽي پاران ١٣ جون تي ٿيندڙ پاڻي ڪانفرنس جي تاريخ موجودا حالتن سبب تبديل ڪئي وئي آهي، هاڻي پاڻي ڪانفرنس حيدرآباد ۾ ٢٧ جون آچر ڏينهن ٿيندي. جنهن ۾ سنڌ جي پاڻي ڪيس تي قومي موقف جوڙيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.