ڀريا روڊ لڳ ملاح برادري جي ماڻهن جو بااثر خلاف احتجاج

ڀرياسٽي ( رپورٽ: مجيد ڪيريو ) ڀرياروڊ شيخ محلي جي رهواسي مشتاق ملاح، غريب نواز ملاح ۽ ٻين پڪاچانگ لنڪ روڊ تي قرآن پاڪ هٿن ۾ کڻي بااثر زميندار عجب  هيسباڻي خلاف سخت احتجاج  ڪندي ٻڌايو ته   عجب هيسباڻي سان مڇي جي تلائن هئن لاءِ پارٽنر شپ تي ڪاروبار ڪيو هو جنهن سبب مان غريب مسڪين لکين روپيا قرض ۽ وياج تي پئسا کڻي ڪاروبار ۾ سيڙپ ڪئي هئي،  جڏهن مڇي تيار ٿي ته زميندار عجب هيسباڻي مونکي ڌڪا ڏئي ڀڄائي ڇڏيو ۽ پاڻ مرادو لکين روپين جي مڇي ماري مارڪيٽ وڪرو ڪئي ۽ مان لکين روپين جو قرضي ٿي ويس،  قرضين ۽ وياجين جيئيڻ جنجال ڪري ڇڏيو خودڪشي ڪرڻ تي مجبور آهيان ۽ باثر زميندار عجب هيسباڻي، بقا هيسباڻي کان پئسا گهران ٿو ته هو مون کي ڌمڪيون ٿا ڏين،ايس ايس پي نوشهروفيروز ۽ ٻين وس وارا پئسا واپس ڏيارين نه ته آپگهات ڪندس.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.