سکر بئراج انتظاميا جي نااهلي، ٻيهر ڪپ تي گهر اڏجي ويا

سکر(رپورٽر) سنڌ ۾ سال 2010ع دوران آيل مها ٻوڏ کانپوءِ سنڌ حڪومت ۽ آبپاشي کاتي پاران سکر بئراج جي ساڄي ۽ کاٻي ڪپن بندر وال تان گھر خالي ڪرائڻ کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر بئراج جي ٻنهي پاسن ڏانهن قبضا شروع ٿي ويا آهن. سکر بئراج انتظاميا جي نااهلي سبب پينو فقيرن ۽ باگڙين پنهنجا جھوپڙا اڏي گھر ٺاهي ڇڏيا آهن، انتظاميا کي خبر هجڻ باوجود سندن خلاف ڪاروائي نه پئي ڪئي وڃي، ان ڏس ۾ پاڪستان مسلم ليگ ن سکر جي اڳواڻ خورشيد ميراڻي چيو آهي ته حڪومت پاران اربين روپيا خرچ ڪري بندر وال تي اڏيل گھر خالي ڪرايا ويا هئا. آبپاشي کاتي سکر جي عملدارن جي ملي ڀڳت سان هڪ ڀيرو ٻيهر قبضا شروع ٿي ويا آهن. قبضا ٿيڻ جي صورت ۾ ڪنهن به وقت سکر بئراج وٽان سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي چاڙهه دوران بندر وال ٽٽڻ جا خدشا پيدا ٿي ويا آهن. هن مطالبو ڪيو ته بندر وال تي اڏيل غير قانوني قبضا ختم ڪرايا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.