شاهپور چاڪر ۾ڳوٺاڻن جو پوليس زيادتين خلاف احتجاج

شاهپور چاڪر (ن ع آ) شاهپور چاڪر کڏڙو پوليس جي ڏاڍاين خلاف ڳوٺ غفور ڪيريو جي  ڳوٺاڻن ھاشم ڪيريو ارباب ڪيريو سماجي عورت اڳواڻ سنڌو ڏاھري صوفي انب ڏاھري جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو پريس ڪلب شاه پور چاڪر ڌرڻو احتجاجي مظاھري کي ايم پي اي خليفو وريام فقير جي پٽ مينھل فقير خاصخيلي چيو ته فوتي جي وارثن ايف آء آر ۾ جيڪي جوابدار ملوث ڄاڻايا آھن پوليس انھن کي گرفتار ڪرڻ بجاء مسڪين ماڻھن کي ڇو تي گرفتار ڪرڻ چاھي ٿي.  اھو ڪٿان جو انصاف آھي سابق ناظم علي احمد ارباب ڪيريو صوفي انب ڏاھري سماجي عورت اڳواڻ سنڌو ڏاھري خطاب ڪندي چيو تہ شاهپورچاڪر ۽ کڏڙو پوليس جي ايس ايڇ اوز ڳوٺ غفور ڪيريو تي رات جو 2 وڳي ڌاڙيلن وانگر سول ڪپڙن ۾ گھرن جون ديوارون ٽپي گھرن ۾ گھڙي ننڊ ستل عورتن ٻارڙن کي لٺيون ھڻي سخت تشدد ڪري زخمي ڪري ظلم ڪري رھي آھي ڳوٺ جي نيڪ مرد ھاشم ڪيريو خطاب ڪندي چيو تہ رات جو شاهپور چاڪر ٿاڻي جو ايس ايڇ او ۽ کڏڙو ٿاڻي جو ايس ايڇ او پوليس جي وڏي نفرئ سان ڪيرين جي گھرن ڌاڙيلن وانگر گھڙي عورتن تي سخت تشدد ڪري زخمي ڪري وڌو ۽ 4 ننڍين عمرين جا ٻارڙا جن ۾ 7کان 10ورھين تائين جا ٻارڙا پوليس کنڀي کڻي وئي آھي جنھن ۾ 7ورھين جو معصوم نينگر حبيب الله ڪيريو ساجد ڪيريو، شھزاد ڪيريو ، شھباز ڪيريو کي گم ڪري ڇڏيو آھي ڊي ايس پي سنجھورو اسان کان لکين روپيہ رشوت گھري رھيو آھي اسان مسڪين ماڻھو پوليس کي ڪٿان ڏوڪڙ ڏيون جڏھن تہ احتجاجي مظاھري ۾ شريڪ نسيمان ڪيريو، مسمات حڪيمان ڪيريو روئيندي چيو تہ پوليس رات جو اسان جي گھرن ۾ گھڙي سخت تشدد ڪري عورتن کي زخمي ڪري ڇڏيو جڏھن تہ ڪجھ ڏينھن اڳم اسان جي ٻچڙن  5ڄڻن جنھن ۾ اعجاز ڪيريو ،ميھر ڪيريو، وريام ڪيريو راشد ڪيريو ،عبدالر حمان ڪيريو کي دڪان تان کنڀي کڻي پوليس گم ڪري ڇڏيو آهي جڏھن تہ اسان تي ڪوبہ ڪيس داخل ناھي مگر پوليس اسان لاء ڌرتي تنگ ڪري ڇڏي آهي،فوتئ جي وارثن جن ماڻھن تي ڪيس داخل ڪرايو ھو پوليس انھن کان ڏوڪڙ وٺي اسان مسڪينن کي تنگ ڪري رھي آھي ھنن وڏي وزير سنڌ مراد علي شاھ گورنر سنڌ آء جي سنڌ پوليس چيف جسٽس کي انصاف ڏيارڻ جي اپيل ڪئي آھي واضع ھجي تہ  14ڏينھن اڳم ٻن برادرين ۾ زمين جي مالڪئ تان تڪرار جھيڙو ٿيو ھو جنھن ۾ 38 ورھين جو منورلنڊ گولي لڳڻ ڪري فوت ٿي ويو ھو جنھن جو مامي عبدالرسول لنڊ شاه پورچاڪرٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو ھو جن پوليس گرفتار ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام  آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.