ڪي اين شاهه ويجهو اڳوڻو يونين ڪائونسلر لاڏاڻو ڪري ويو

خيرپورناٿن شاهه (ت ر) خيرپورناٿن شاه جي معزز شخصيت يونين ڪائونسل گوزو جو اڳوڻي چيئرمين غلام محمد لغاري ۽  ايڊوڪيٽ عاشق علي لغاري جي امڙ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري وئي جنهن جي جنازي ۾ پ پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر اسد خان لغاري، اعجاز حسين چانڊيو ، اڳوڻو.ميونسپل چيئرمين مشهودالحق گاڏهي ، زبير احمد لغاري، ايڊووڪيٽ ڪي ڪي ڏيرو ، مارڪيٽ ڪاميٽي ڪي اين شاه چيئرمين اعجاز علي سومرو ٖ چئرمين شھري ايڪشن ڪاميٽي حافظ حاجن لغاري،، ايس ڊي او واپڊا اسرار احمد باجڪاڻي، محمد پريل گاڏهي، ظهيراحمد گاڏهي، ايڊووڪيٽ رضا محمد بلوچ سميت سياسي سماجي مذھبي واپاري اڳواڻن وڪيلن صحافين معزز شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي مرحومه جي مڙھ کي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو جڏهن ته خيرپورناٿن شاه باء پاس بلوچ رائيس مل اندر وڇايل تڏي تي سيٺ غلام محمد لغاري ۽ ٻين سان تعزيت جو سلسلو هلندڙَ آھي.

سيٺارجا ويجهو ڪار ۽ رڪشا ۾ٽڪر، هڪ ڄڻو زخمي

سيٺارجا (ن ع آ) سيٺارجا ڪار ۽ رڪشا ۾ زوردار ٽڪر, هڪ ڄڻو شديد زخمي, اسپتال منتقل  تفصيلي خبر موجب سيٺارجا پير ٻڍڙو لنڪ روڊ تي ڪار ۽ رڪشا جو آمهون سامهو  زوردار ٽڪر ٿي پيو جنهن  جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو پتنگ مارواڙي زخمي ٿي پيو جنهن کي زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو سيٺارجا پوليس حادثي واري هنڌ پهچي ڪار ۽ رڪشا کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.

سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ تدريسي عمل شروع

ٽنڊوڄام(ن ع آ) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ تدريسي عمل شروع، مرحليوار امتحان شروع ڪرڻ جو فيصلو، ٻئي کان آخري سال جا امتحان 21 جون کان ٿيندا، پهرين سال جي رهجي ويل شاگردن جا ڪلاس سومر کان شروع ٿيندا، پوسٽ گريجوئيشن شاگرد آن لائين امتحان ڏئي سگهندا، ترميم ڪيل اڪيڊمڪ ڪيلنڊر جي ڊينز ڪاميٽي منظوري ڏيئي ڇڏي، خبر موجب وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن پاران آن ڪئمپس تدريسي عمل شروع ڪرڻ بابت ڏنل هدايتن جي روشني ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام به تدريسي عمل جو آغاز ڪندي اڪيڊمڪ ڪئلينڊر موجب امتحان شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان حوالي سان سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي ڊينز ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن جي منظوري سان سنڌ زرعي يونيورسٽي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو زرعي ڪاليج ڏوڪري، خيرپور ڪاليج آف ايگريڪلچرل انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجيز ۽ سب ڪئمپس عمرڪوٽ ۾انڊرگريجوئيٽ ڊگري پروگرام جي ٻئي کان آخري سال جا ريگيولر امتحان 21 جون کان ڪرائڻ جي منظوري ڏني ويئي،  جڏهن ته يونيورسٽي ۽ ان سان سلهاڙيل ڪاليجن ۽ سب ڪئمپس عمرڪوٽ ۾ نئين داخلا وٺندڙ پهرين سال جي شاگردن جا ريگيور ڪلاس سومر 14 جون کان شروع ٿيندا، جيڪي 9 جولائي تائين جاري رهندا، يونيورسٽي ۽ ان جي سلهاڙيل ڪاليج ۽ سب ڪئمپس جي پهرين سال جي شاگردن 12 جولائي کان 30 جولائي تائين ورتا ويندا، ٽرم سسٽم تحت رهيل شاگردن جا امتحان به 12 جولائي کان 30 جولائي دوران ٿيندا، ڊينز ڪاميٽي پاران پوسٽ گريجوئيشن جي ايم ايس سي، ايم اِي، ايم ايس آئي ٽي، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جا امتحان آن لائين وٺڻ جو فيصلو ڪيو، ڊينز ڪاميٽي اهڙي ترميم ڪيل شيڊيول جي منظوري ڏيئي ڇڏي آهي، اجلاس ۾ ڊين ڊاڪٽر قمرالدين چاچڙ، ڊين ڊاڪٽر اعجاز احمد کونهارو، ڊين ڊاڪٽر سيد غياث الدين شاهه راشدي، ڊين ڊاڪٽر نعمت الله لغاري، ڊين ڊاڪٽر جان محمد مري، وائيس چانسلر جو تدريسي مامرن بابت صلاحڪار ڊاڪٽر عبد الله جي آريجو، رجسٽرار غلام محي الدين قريشي، امتحانن وارو ڪنٽرولر ممتاز احمد جکرو ۽ هاسٽل پرووسٽ خادم حسين وڳڻ موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.