بدين ۾ پاڻي کوٽ خلاف پنڌ مارچ روان دوان، وک وک تي شاندار آجيان

تلهار/راڄو خاناڻي/ٽنڊو غلام حيدر (نمائندا ) بدين ۾پاڻي کوٽ خلاف پيادل مارچ روان دوان، وک وک تي شاندار آجيان، حيدرآباد لاءِ نڪتل پنڌ مارچ تلهار ۽ راڄو  خاناڻي کان ٿيندو ٽنڊي غلام حيدر پهتو تفصيل موجب ضلعو بچايو تحريڪ طرفان بدين ۽ ٽنڊومحمد خان ضلعي ۾ پاڻي جي هٿرادو شديد کوٽ خلاف بدين مان نڪتل پيادل مارچ جو مختلف هنڌن تي احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ بعد ٽنڊوغلام حيدر جي فتح خان اسٽاپ، ڍوڪيا واھ،شاھ واھ اسٽاپ،انصاري شگر مل کان المدينه هوٽل باءِ پاس وٽ پهتو جتي اڳواڻن مير نوراحمد ٽالپور،عزيزالله ڏيرو ،سيد خدا ڏنو شاه، عبدالغفور چانڊيو،سائين بخش لغاري،عبدالله چانڊيو،اعجاز احمداڻي خطاب ڪندي چيو ته بدين ۽ ٽنڊومحمد خان ضلعن اندر پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري هارين ۽ آبادگارن جو معاشي قتل ڪيو پيو وڃي،لاڙ پٽ جون سرسبز زمينون پاڻي جي ڏڪار سبب بنجر بڻجي ويون آهن،هنن چيو ته پاڻي جي کوٽ سبب هتان جي چوپائي مال سميت پکي به اڃ وگهي تڙپي رهيا آهن،سنڌ حڪومت جي نااهلي ۽ سيڊا جي غلط پاليسين سبب آبادگار طبقو هن وقت سخت متاثر بڻيل آھي،هنن حڪومت کان پرزور مطالبو ڪندي چيو ته فوري طور پاڻي جي کوٽ کي ختم ڪئي وڃي جيئن آبادگار معاشي قتل کان بچي سگهن،جڏھن ته لانگ مارچ المدينه هوٽل باءِ پاس کانپوء حيدرآباد سيڊا آفيس طرف روانو جتي پاڻي جي کوٽ خلاف مطالبن جي مڃتا لاءِ ڌرڻو هنيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.