ڪي اين شاهه ۾ڳوٺاڻن جو بااثر ۽ پوليس خلاف احتجاج

خيرپورناٿن شاھ ( ن ع آ ) خيرپورناٿن شاھ ڪاڇي ۾ ميان نصير محمد ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ مري جو کوھ جي رهواسين حسين علي  آلکاڻي, محمد حيات آلکاڻي ٖ شمن آلکاڻي, غلام حسين آلکاڻي جي اڳواڻي ۾ ميان نصير محمد پوليس ۽ بااثرن خلاف مهراڻ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي دانهيندي ٻڌايو ته سڱاوتي تڪرار تان بااثرن علي شير آلکاڻي, علي آلکاڻي, وارث آلکاڻي ۽ ٻين هٿيارن جي زور تي گهر ۾ داخل ٿي اسان جي عورت مسمات ڄامزادي ۽ علي گوهر آلکاڻي کي هٿيارن جا بٽ ۽ ڏنڊا هڻي زخمي ڪري ڇڏيو.  اسين زخمين کي اسپتال داخل ڪرايو آھي جن جي حالت نازڪ آھي , هنن چيو ته اسين ٻن هٿياربندن علي شير آلکاڻي ۽ علي آلکاڻي کي پڪڙي ميان نصير محمد ٿاڻي تي آندو سين جتي ايس ايڇ او گل حسن ساريو جي حوالي ڪيو سين پر ايس ايڇ او انهن  مٿان ڪيس داخل ڪرڻ بجاء ڳري رشوت وٺي ٻنهي کي آزاد ڪري ڇڏيو آھي , حملي آوور اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن ٖ هنن چيو ته پوليس جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آھي اسان کي انهن مان جاني خطرو آھي اسان کي ڪجھ به ٿيو ته ان جي ذميوار ميان نصير محمد ٿاڻي جي پوليس هوندي, هنن آئي جي سنڌ, ڊي آء جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي دادو کان انصاف جو مطالبو ڪيو رابطي تي ميان نصير محمد پوليس اسٽيشن جي اهلڪارن جا نمبر بند هيا

اسلام ڪوٽ ۾بيماري کان تنگ ناري آپگهات ڪري ڇڏيو

مٺي(رپورٽ:غازي بجير)ٿر ۾ سال دوران 79 خودڪشيون،ٿرڪول وارو تعلقو اسلام ڪوٽ خودڪشين ۾ پهرين نمبر تي، خبر موجب ٿرپارڪر ضلعو خودڪشين جو گهر بڻجي ويو آهي،اُنهي سلسلي ۾ گذريل ڏينهن اسلام ڪوٽ شهر جي دڙيلو پاڙي ۾ 18ورهين جي نوجوان ناري سورٺ ڌي ارجن ميگهواڙ مرگهي جي بيماري کان تنگ ٿي گهر جي چونئري ۾ مبينا اڳٺ ٻڌي ڦاهو کائي زندگي جو انت آندو.  ڇڏيو،اطلاع تي اسلام ڪوٽ  پوليس پهچي لاش کي  تحويل ۾ وٺڻ بعد پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ سرڪاري اسپتال آندو،ضروري ڪاروائي بعد لاش کي وارثن جي حوالي ڪيو ويو،انهي سلسلي ۾ موجب فوتي ناري جي وارثن جو چوڻ آهي ناري کي ڪافي وقت کان مرگهي جي بيماري هئي ۽ دماغي توازن درست نه هو جنهن سبب هُن پنهنجو پاڻ ڦاهو کاڌو آهي اسان وڌيڪ ڪابه قانوني ڪاروائي ڪرائڻ نٿا چاهيون،ٻئي پاسي ٿر ۾ ڪم ڪندڙ سماجي اداري اوئير پاران سال 2020ع دوران ٿر ۾ ٿيل خودڪشين جي سروي رپورٽ جاري ڪئي ويئي آهي،جنهن دوران سال ۾ 79 خودڪشين بابت رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي،جاري ڪيل رپورٽ ۾ ٿرڪول ايريا واري تعلقو اسلام ڪوٽ خودڪشين جي حوالي سان پهرين نمبر تي آيو آهي،جنهن ۾ وڌ کان وڌ 25 خودڪشيون رپورٽ ٿيون آهن،جاري ڪيل انگن اکرن موجب ته سال 2020ع دوران اسلام ڪوٽ تعلقي ۾ 25،مٺي ۾ 17،ننگرپارڪر ۾ 13،ڏيپلو ۾ 11،ڇاڇرو ۾ 8،ڏاهلي ۾ 4 ۽ ڪلوئي ۾ 1 خودڪشي جا ٽوٽل 79 واقعا رپورٽ ٿيا آهن،جنهن ۾ اسلام ڪوٽ تعلقو پهرين نمبر تي آهي.

ڪورنگي ۾حددخلين خلاف ڪارروائيون، 10 گهر پٽ

ڪورنگي (ن ع آ ) ڪورنگي مهراڻ ٽائون جي اندر سيڪٽر 6/D پلاٽ نمبر 6 M.C جي مٿان گذريل ڪئي سالن کان قائم ٿيل مارڪيٽ ۽ 10 گهرن کي بغير ڪنهن نوٽيس جي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو آهي ان موقعي تي ميڊيا سان علائقي واسين جنهن ۾ محمد آچر شيخ، ڊاڪٽر روشن مري، عبدالمجيد بگٽي ۔ محمد اشتياق ۔ لياقت علي ۔سجاد راڄپر ۽ ڳالهائيندي چيو ت گذريل ڪيترن ئي سالن کان انهي پلاٽ تي رهائش پزير آهيون انهي پلاٽ جا اسان وٽ بجلي ۽ گيس جا پڻ بل موجوده آهن. پر افسوس آهي اسان کي بغير ڪنهن ڏنل نوٽيس جي گهرن ۽ مارڪيٽ کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو جنهن ۾ اسانجو گهريلو سامان ۽ دوڪانن ۾ موجوده سامان نه ڪڍڻ ڏنو ويو جنهن جي نتيجي ۾ لکين روپين جو سامان ملبي جي هيٺان دٻجي ويو هن وڌيڪ چيو ته هي اسانجو نقصان  ڪريم نيازي ۽ انسان موجوده قبضي مافيا جي ماڻهن ڪرايو آهي ڇو جو ڪئي ڀيرا ڪريم نيازي اسانکي مختلف ماڻهن کان حراس مينٽ ڪرائيندو پيو اچي جڏهن ت هن مهراڻ ٽائون جي اندر ڪريم نيازي جو ڪو پلاٽ کالي ڪرائڻ پهريون ڀيرو ن آهي هن اهيو ڪم روز ب روز جو هڪ معلوم بڻيل آهي ڪورنگي مهراڻ ٽائون جي اندر ڪورنگي ڪي آئي اي پوليس ۽ ٻين اعلا آفيسرن کي رشوت جي عيوض ۽ ڪوڙي فائل مافيا وارن جي ملي ڀڳت سان تقريبن 20 کان مٿي پلاٽ کالي ڪرائي چڪو آهي هنن مطالبو ڪيو آهي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، وزيراعظم پاڪسان، وزيراعلا سنڌ، ڊي جي رينجرز، آئي جي سنڌ ۽ ٻين وس وارن کان ت ڪريم نيازي ۽ انجي واٺن جي مٿان ڪي ڊي اي انڪروجمنٽ،  پوليس جيڪي رشوت جي عيوض ڪوڙي فائل مافيا وارن جي حامي ڀري مهراڻ ٽائون جي اندر بغير ڪنهن نوٽيس جي گهر ڪيرائڻ وارن خلاف سخت کان سخت ايڪشن کڻي جن قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي تن کي به قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻي ڪري سخت سزا ڏني وڃي ته جيئن ٻي ڪنهن بغريبن جا اجها ڊهڻ کان بچي پون.

کهڙا ۾دڪان کي کاٽ، لکين رپيا چوري

کهڙا (ن ع آ) کهڙا ۾ نامعلوم چور ڪرياني جي دڪان ۽ ڀانڊي جي ڇت کي کاٽ هڻي هڪ لک رپيا روڪ رقم ۽ سامان چوري  ڪري ويا، کهڙا ۾ نامعلوم چور کهڙا، رپڙي روڊ تي واقع غلام محمد اڄڻ جي ڪرياني جي دڪان ۽ ڀانڊي جي ڇت کي کاٽ هڻي هڪ لک رپيا روڪ رقم ۽ چانھ جي پتي، سگريٽن جا ڪيترائي ڪارٽون ۽ ٻيو سامان چوري ڪري ويا، ان سلسلي ۾ دڪان جي مالڪ غلام محمد اڄڻ ٻڌايو ته لڳ ڀڳ 2 لک روپين جي چوري ڪئي وئي آهي، واقعي جي اين سي کهڙا ٿاڻي تي داخل ڪرائي وئي آهي جڏهن ته پوليس چوڪيدار الهرکيو بڙدي کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.