ٽنڊي غلام علي ۾ حادثو، نوجوان مرڻنگ

ٽنڊو غلام علي (ن.ع.آ). ٽنڊو غلام علي  شھر ٻاهران ماتلي مين روڊتي تيز رفتار ڊمپر ٽڪر هڻي ڳوٺ بکو احمداڻي جي رهواسي  نوجوان محمد رفيق ولد محمد حسن احمداڻي کي زوردار ٽڪر هڻي کيس سخت مرڻينگ ڪري ڇڏيو . زخمي کي فوري طور سرڪاري اسپتال ٽنڊو غلام علي آندو ويو جتي کيس فوري طبي امداد ڏيئي ڳڻتي جوڳي حالت سبب حيدر آباد روانو ڪيو  ويو.حادثي سبب نوجوان جو ٻئي ڄنگهون چچرجي ويون ۽سرڪاري اسپتال جي ايمبولينس ناڪاره هجڻ سبب ماتلي مان ايمبولينس گهرائي مريض کي حيدر آباد نيو ويو. ٻي طرف اطلاع آھن ته پوليس حادثو ڪندرڙڊمپر ۽ڊرائيور کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.