ميان صاحب ڀرسان فائرنگ، نوجوان مرڻينگ

ميان صاحب ( ن ع آ ) ميان صاحب ڀرسان جهان واهه ٿاڻي جي حد ڳوٺ غلامو مارفاڻي ۾ 20 ورهين جي ڌنار منير احمد پٽ ٻڍو مارفاڻي کي نامعلوم ھٿياربندن فائر ھڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو جنهن سبب هو سخت  زخمي ٿي پيو جنهن کي وارثن نازڪ حالت ۾ شڪارپور سول اسپتال منتقل ڪيو لياقت علي مارفاڻي موجب سندن نوجوان کي نامعلوم جوابدار فائر ڪري زخمي ڪري ويا آهن جنهن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي .

لاڙڪاڻي لڳ ڪار جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، نوجوان زخمي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ويجهو انڊس هاءِ وي خيرپور جوسو جي لال باغ پوليس چوڪي وٽ تيز رفتار ڪار جو موٽر سائيڪل سان زوردار ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾  ڳوٺ حسن آباد واسي موٽر سائيڪل سوار 18 سالن جو نوجوان فراز پٽ حبيب الله قمبراڻي ۽ سندس سئوٽ 11 سالن جو نينگر جواد پٽ جاويد قمبراڻي سخت زخمي ٿي پيا جن کي علائقي واسين ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو جتي کين طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي زخمن جي وارثن ٻڌايو ته اسان جا نوجوان ڳوٺ ڀرسان لال باغ چوڪي وٽان پاڻي ڀرڻ ويا هئا ته رستي ۾ تيز رفتار ڪار جو سندن موٽرسائيڪل سان زوردار ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ هو سخت زخمي ٿي آهن. هوڏانهن آخري اطلاعن تائين زخمين جو علاج پڻ هلندڙ هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.