غوثپور ۾ ٽرڪ نوجوان کي چيڀاٽي ڇڏيو

غوثپور (ن ع آ) ڳوٺ راجا بجاراڻي جو رھواسي نوجوان ميرل لاشاري گھر جو سئودو سامان وٺڻ لا۽ غوثپور شھر جي مئن بس اڏي تي روڊ  ڪراس ڪري رھيو ھيو ته سامھون ايندڙ تيز رفتار ٽرڪ کيس زوردار ٽڪر ھنيو جنھن سبب نوجوان ميرل عرف مير حسن پٽ حيدر بخش چيڀاٽجي ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو۔ اھڙي واقعي بعد بس اڏي تي موجود سوين ماڻھو گڏ ٿي ويا ۽ ٽرڪ ڊرائيور کي روڪي ورتو ۽ کيس پوليس حوالي ڪيو۔ فوتي نوجوان جا وارث واقعي واري ھنڌ پھچي سندس مڙھ کڻائي رورل ھيلٿ سينٽر غوثپور آندو جٿي سندس پوسٽ مارٽم ڪرائي وارثن حوالي ڪيو ويو۔ ٻئي پاسي فوتي نوجوان جو لاش گھر پھچڻ تي سندس گھر ۾ ڪھرام مچي ويو ۽ ڳوٺ ۾ سوڳ ڇائنجي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.