ٺل لڳ ڪارنهن تڪرار جو جرڳو، 8 لک ڏنڊ

ٺل ( ن ع آ )  ٺل ڀرسان ڳوٺ دينپور ۾ ڀٽي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن تڪرار جو جرڳو مقدم بشير احمد ڀٽي ۽ نور حسن ڀٽي جي سرپئنچي  ۾ ٿي گذريو،جنهن ۾ عبدالواحد ڀٽي ۽ صوبو ڀٽي جي ڳالهيون ٻڌڻ بعد صوبو ڀٽي جي ڌر مٿان ڪارنهن ثابت ٿيڻ تي مٿس 8 لک روپيه ڏنڊ رکيو ويو،جنهن مان جهولي جهلڻ تي 50 هزار معاف ڪيا ويا ۽ هڪ لک روپيه موقعي تي ادا ڪيا ويا،بقايا رقم ٽن قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي،جنهن بعد ٻنهي ڌرين کي ڀاڪر پارائي کير کنڊ ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.