ناميارو فنڪار خيرل راهي بيمار، علاج لاءِ اپيل

نندو شھر (رپورٽ: حنيف انصاري)سنڌجو نامور فنڪار  خيرل راهي پير جي هڏي وڌڻ سبب  ٽن مهينن کان هلڻ ڦرڻ کان لاچار بنجي ويو آھي جنهن جي ڪري سندس گهر ۾ فاقا ڪشي جو ماحول ڇائنجي ويو آھي انهي سلسلي ۾ خيرل راهي صحافين سان رابطي تي ٻڌايو ته چاليھ سال فن کي ڏنا آھن ، ريڊيو پاڪستان ۽ پي ٽي وي سميت مختلف نجي چينلن تي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو آھي پر ڪڏهن به سنڌ حڪومت ۽ ثقافت کاتي نه ڪا مالي مدد ڪئي آھي ۽ نه ئي وري مالي  مدد لاء ڪڏهن ڪنهن لاء هٿ ٽنگايو آھي بس شادي مرادي ۽ ڪيسٽن ذريعي  پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري پيٽ پاليان ٿو مگر گذريل ٽن مهينن کان پير ۾تڪليف سبب هلڻ ڦڙڻ کان مڪمل لاچار بنجي ويو آھيان هن وڌيڪ ٻڌايو ته گهر ۾ جيڪو به جمع پونجي هئي اها  پير ۾ تڪليف سبب ڪافي ڊاڪٽرن کان علاج ڪرائي ختم ڪري ڇڏي آھي جنهن بعد هاڻ ڊاڪٽر چون ٿا ته پير جي هڏي وڌڻ سبب آپريشن ٿيندو جنهن تي 3 لک کان مٿي خرچ ايندو جيڪو آئون مسڪين فنڪار ڀري نه ٿو سگهان هن وڌيڪ ٻڌايو ته 3  پٽ به بي روزگار ويٺل آھن جيڪو ڪجھ فن ذريعي ڪمائي ايندو هئس اهو سمورو خرچ ڪري ڇڏيو آھي هاڻ ته گهر ۾ کائڻ لاء ڪجھ نه بچيو آھي هن وڌيڪ چيو ته اڌ زندگي پنهنجي فن تي لڳائي ڇڏي ڪڏهن به سنڌ سرڪار ۽ ثقافت کاتي وٽ وظيفي لاء نه ويو آھيان هن وقت تنگ ٿي حڪومت سنڌ ، ثقافت کاتي سميت سرهندي وارن کي اپيل ٿو ڪريان ته منهنجي علاج ڪرائڻ ۾ مدد ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.